گل طوطو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گل طوطو گل اصل آسٽريليا کان آيل آهي. هي ننڍو ٻوٽو ٿو ٿئي. ڦِڪا ساوا پن ٿا ٿينس. گل سهڻا کهنبا، ڪارا ۽ ڪڏهن اڇا ڪري ٿو، جي شڪل ۾ چتونءَ يا طوطي جي چهنب جهڙا آهن. هي تمام نازڪ ٿو ٿئي. هندستان ۾ گهڻو ٿو ٿئي. هن کي انگريزيءَ ۾ ڪليانٿس چون ٿا. آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ پوکبو آهي. کليل ڪنارن سان پوکي سگهجي ٿو. هن کي ٽپائڻ مان حرڪت پهچندي آهي. جي ڪونڊين ۾ پوکجي ته ٽي ٻج هڪ ڪونڊيءَ ۾ وجهجن. پاڻي خبرداريءَ سان ڏيڻ گهرجي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو