گل شير لوچي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گل شير لوچي بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻيون سنڌي جي ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تي سندس ڪجهه ڊراما به هلي چڪا آهن، پاڻ ننڍي عمر ۾ هڪ ادبي رسالي ڪاڪ جو ايڊيٽر پڻ رهيو، جيڪو بعد ۾ هڪ روزاني اخبار ۾ تبديل ٿي ويو، ڪجهه ڪتاب به مرتب ڪيا اٿس، سندس ڪهاڻين تي ناليواري اديب ڊاڪٽر نجم عباسي، رسول بخش پليجي ۽ بيدل مسرور جهڙي شخصيتن لکيو آهي، هو هن وقت سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس ڳاڻاٽو نئين ٽهي جي بهترين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو.

گل شير لوچي ساهتي پرڳڻي خانواهڻ ۾ پهرين اپريل 1970 ڌاري جنم ورتو، بنيادي طور ٻاراڻي ليکڪ طور ادب جي شروعات ڪئي ۽ 1987 ۾ سنڌي ٻارڙا ادبي سنگت جو بنياد وڌو، جنهن دوران کيس شوق خانواهڻي، شمس سهتو، قاضي غلام نبي ناشاد ۽ حميد پارس جي ادبي صحبت ملي، 1991 ۾ ٽنڊوڄام منتقل ٿيڻ بعد اتان جي ناليوارن اديبن، مصطفيٰ نانگراج، عبدالرسول عباسي، آسي زميني، منير احمد، طارق قريشي، اظهار سومرو، وسيم سومرو، مير محمد بادل، عزيز چنڊ، اسرار شام ۽ ٻين جي سنگت ملي، جتان کان هن ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي.

گل شير لوچي شهيد محترمه بينظير ڀٽو تي سنڌ راڻي ڪتاب ۽ سهيد بشير قريشي جي زندگي تي ڪالمن تي ٻڌل منصور جو آواز ڪتاب ترتيب ڏنو،مختلف ڪتابن جو پبلشر پڻ آهي.


حوالا[سنواريو]