گل شبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

گل شَبُو هي گل به سوسن، زنبق ۽ بصر جي جماعت مان آهي. انگريزيءَ ۾ ٽيُوب روز (يعني نليءَ وارو گلاب) چوندا اٿس. ڪتابي نالو پاليانٿس اٿس. هي هندستان جي باغن ۾ تمام عام آهي. هن جي ڏانڊي ٽي فوٽ مٿي وڃي ٿي. چڱي زمين ۾ ته ڇهن فوٽن تائين به وڃي ٿي ۽ اڇن گلن جا ڇڳا جهلي بيهي ٿي، جنهن جي خوشبوءِ پري پنڌ تائين وڃي ٿي. لکن ٿا ته ڪنهن خاص هوا ۾ هنن گلن مان برقي چڻگون نڪرن ٿيون. جڏهن گل ڪري بس ٿئي تڏهن ڏانڊيءَ کي وڍي ڇڏڻ کپي ته وري ٻي نڪري. سڄي سال ۾ گل رهنس ٿا. پاڙ جي ڳنڍين جدا ڪري هڻڻ سان، ٻيا ٻوٽا پيدا ڪري سگهجن ٿا. ٻج به پوکبو آهي، جو هن مان سياري جي موسم نڪرندو آهي.[1] هن جو هڪڙو قسم آهي، جو ڊبل يعني وڏا ٻٽا ڀريل گل جهليندو آهي، پر انهن ۾ اهڙي خوشبوءِ نٿي ٿئي، جهڙي يڪن پنن وارن گلن ۾ ٿي ٿئي.

ڪپتان ”ڪُڪ“ لکي ٿو ته: ”هن گل جي بوءِ هوا جي گرميءَ ڪري ڏينهن جو ايتري نه ٿي ٿئي، جيتري رات جو ٿي ٿئي.“ انهيءَ ڪري شبو چونس ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو