گل دائودي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گل دائودي جا مختلف رنگ

گل دائودي
پيلي رنگ جو گل دائودي
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): ڪرسنٿيمم
قسم جنس
ڪرسنٿيمم انڊڪم
ايل.[1][2]
هم معنيٰ[3]
  • ڪرسنٿيمم subsect. Dendranthema (DC.) DC. ex Kitam.
  • Neuractis Cass.
  • Pyrethrum sect. Dendranthema DC.
  • Leucanthemum (Tourn.) L.
  • Dendranthema (DC.) Des Moul.
  • Pyrethrum sect. Dendranthema DC.


گل دائودي
The Chinese character for "chrysanthemum"
چیني نالو
چیني 菊花
لغوي معنیٰ "chrysanthemum-flower"
جاپانی نام
کانجی 菊花

دائودي:


هي گل مشهور آهي. هنديءَ ۾ چند رمُلِڪ چوندا اٿس. انگريزي نالو ڪِري سانٿيمم اٿس. هي ننڍو ٻوڙي جهڙو وڻ آهي، جو نومبر ۽ ڊسمبر جي مهينن ۾ گل جهليندو آهي، جو وچولي قد جا ۽ سونهري پيلي رنگ جا ٿيندا آهن. هن جا ڪيترائي قسم آهن. اڇن گلن وارو ڏاڍو سهڻو آهي. گل ڀريل اٿس. ٻيا ڪي هلڪا يڪن پنن وارا ۽ جدا جدا رنگن جا ٿيندا آهن. جپاني قسم ته ڪاڪاٽو پکيءَ جي چوٽيءَ جهڙو ٿيندو آهي. هنن ۾ خوشبوءِ به ٿيندي آهي. گهڻي اُس ۽ مينهن ۾ هنن کي نقصان پهچندو آهي، تنهنڪري پناهه ۾ رکڻ گهرجين. هنن جي پاڙ جي مٽي وقت بوقت ضرور مٽائڻ گهرجي. جنوريءَ جي شروع ڌاري يا جڏهن گل ڪومائجن، تڏهن گلن واريون ٽاريون يا ڏانڊيون وڍي ڇڏجن. پوءِ وڻ ڪونڊيءَ مان ڪڍي يا چڪي زمين مان ڪڍي ان جي پاڙن جي مٽي آهستي ڌار ڪري، پاڙون ڇني ڌار ڪجن. تنهن کانپوءِ ڪنهن ڇانَو واري هنڌ، زمين ٺاري، پراڻو ڀاڻ ۽ واري ملائي، اهي پاڙون قلمن وانگي فوٽ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي هڻي وڃجن. قطارون به فوٽ فوٽ تي ڪجن. پوءِ هر روز پاڻي ڏيندو رهجين. ته پاڻهئي لڳي وينديون ۽ وڌڻ لڳنديون ۽ مئي مهيني جي پڇاڙيءَ ڌاري موچارا وڻ ٿي ويندا. انهيءَ وقت وري اهي پاڙون ڪڍي جدا ڪري ڪونڊين ۾ آڪٽوبر تائين رکجن. وري جتي نئين مٽي هجي، اتي نئين ڪونڊين ۾ رکجن. سياري ۾ دائوديءَ جي وڻن جي پاڙن کي ٽنڊڻيون لڳنديون آهن، جي تندون کائي وينديون آهن؛ جنهنڪري وڻ سڙي ويندا آهن. جڏهن وڻ ڪوماڻل ڏسڻ ۾ اچن، تڏهن وڻ جي مٽي ڪڍي، وري نئين مٽيءَ واري هنڌ يا ٻي ڪونڊيءَ ۾ وڻ کي رکجي. دائوديءَ کي ڀلي زمين ۽ ججهو پاڻي گهرجي. پٽڙو ڀاڻ ۽ صابڻ جي گجي هن لاءِ تمام فائدي واري آهي. دائوديءَ جا سٺ کان به وڌيڪ قسم آهن، جن جا جدا جدا انگريزي نالا آهن. انهن جي ڏيڻ جو ضرور ڪونهي..[4]

حوالا[سنواريو]

  1. conserved type ratified by General Committee, Nicolson, Taxon 48: 375 (1999)
  2. Tropicos, Chrysanthemum L.
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named o
  4. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو