مواد ڏانھن هلو

گل خيرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گل خيرو
السيئا سيٽوسا
سائنسي درجا بندي e

گل خيرو(انگريزي: Alacea) پارسيءَ ۾ خيري، ۽ انگريزيءَ ۾ هالي هاڪ چون ٿا. جيتوڻيڪ هي مدامي وڻ آهي تڏهن به يڪ – سالو چڱو ٿيندو آهي. ٻج آڪٽوبر ۾ کليل زمين ۾ پوکڻ گهرجي. هن کي ڪونڊين ۾ پوکڻ ۽ وري ٽپائڻ مان حرڪت پهچنديس. زمين ڀلي هئڻ گهرجي. ٽَڪرن تي هي وڻ چڱا رنگ ٿو ڏيکاري. ڪنارن سان پوکڻ ۾ به چڱي سونهن ڪندو آهي. پوکڻ کان اڳي زمين کي ٻن فوٽن جي اونهائيءَ تائين ولڻ گهرجي ۽ ان ۾ ججهو ڀاڻ گڏڻ گهرجي. هن جا ويهارو کن قسم ٿيندا، هنن جا ٻج ولايت مان اچن ٿا. ڪي ڳاڙها، ڪي کهنبا، ڪي ڦِڪا، ڪي ڳُوڙها، ڪي پِيلا، ڪي گلابي وغيره.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو