گل انار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گل انار


گل اَنار يا هزارو:(انگريزي: Pomegranate flower) هي ڏاڙهونءَ جي وڻ جو گل آهي، جو وڏو ۽ کهنبو يا ڳاڙهو ٿيندو آهي. هن جا ڪي قسم وڏن ٻوڙن جهڙا ٿا ٿين. ڪي ته ڦر ڪو نه ڪن، رڳو گل ڪندا آهن، جي تمام وڏا ۽ ڀريل ٿيندا آهن. ڪن هنڌن تي ته جهنگلي ٿيندا آهن. گلن ڪرڻ کانپوءِ ٽارين جي ڇانگ ڪجي، نه ته جهنگ ڪري وجهندا. هي ٻج مان ٿيندا آهن، قلم ۽ اوڌون به لڳنديون اٿن. هن کي انگريزيءَ ۾ ڊبل فلائوئرڊ پوميگرانيٽ (يعني ڊبل گل وارو ڏاڙهون) چوندا آهن. ڪتابي نالو پيونيڪا گرانيٽم اٿس. هن کي گل هزارو به چوندا آهن. هن جو هڪڙو بنِدرو قسم آهي، جو قد ۾ فوٽ جيڏو مس ٿيندو آهي. چون ٿا ته هن جو هڪڙو قسم اڇن گلن وارو به آهي..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو