گلاب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

گلاب (انگريزي ٻولي: Rose) هي هڪ سهڻو گل جو ٻوٽو آهي. گلاب گھرن ۽ باغيچن ۾ پوکيو ويندڙ عام گل آهي۔ گُلَ وڪرو ڪندڙ سڀ کان گهڻو هن گل کي وڪرو ڪندا آهن ۔ هن مان گلقند ۽ خوشبو بہ تیار ٿيندي آهي۔

گلاب جا 100 کان وڌيڪ قسم (Species) آهن۔ هي گل محبت جي اظهار لاء بہ استعمال ٿيندو آهي۔

گلاب برطانیہ ۽ آمريڪا جو قومي گل آهي۔انکان علاوه هي گل اسلام آباد وفاقي دارالحڪومتجو علاقائي گل آهي۔

تعارف[سنواريو]

گلاب کي انگريزيءَ ۾ روز چون ٿا. سڀني گلن ۾ گلاب (Gulaab) جو گل بادشآهه سمجهيل آهي. اسان سڀني گلن کان پوءِ هن جو بيان ڏنو آهي، سو انهيءَ لاءِ ته سندس گهڻو بيان ڏيون ۽ اهو به خلاصي فصل ۾. اصل گل، هن گل جو نالو آهي ۽ جيڪو عرق انهيءَ گل مان نڪرندو آهي، گلاب تنهن کي چوڻ گهرجي، پر رواج ۾ هن گل تي نالو گلاب جو پئجي ويو آهي. گلاب مان نه رڳو عرق نڪرندو آهي پر عطر به ڪڍندا آهن. گلاب جي مکڙين کي گلاب جون ڪليون چوندا آهن، جي ٻين شين سان گڏي جلاب لاءِ ڏيندا آهن. لفظ جُلاب به گلاب جي عربي صورت آهي. تنهن کانسواءِ گلاب جي پنن کي مٺاڻ سان گڏ ڪاڙهي، گلقند ٺاهيندا آهن جو پڻ دوا وانگي ڪم ايندو آهي. هتي اصل گلاب رڳو ٻن طرحن جو سمجهيل هوندو آهي، هڪڙو موسمي گلاب، جو رڳو بهار جي موسم ٿيندو آهي ۽ گهڻي خوشبوءِ ڪندو آهي، جنهن مان پاڻي يا عرق ڪڍندا آهن؛ ٻيو سدا گلاب، جو هميشھ ٿيندو آهي، مگر منجهس گهڻي خوشبوءِ نه رهندي آهي پر هاڻ ته گلابن جا بيشمار قسم نڪري پيا آهن، جي ٻين ولايتن کان آندا اٿن. پوءِ هڪڙا ٻين سان پيوند ڪري، يا ٻيءَ طرح هڪٻئي ۾ گڏي گڊا ڪري پيدا ڪيا اٿن.[1]

پوکي[سنواريو]

گلاب جي لاءِ نڪي گهميل زمين چڱي آهي، نڪي تمام خشڪ. زمين ٿورو مٿانهين هوندي ته چڱو، جو انهيءَ ٻاري ۾ پاڻي وڌيڪ بيهي نه سگهندو. گرم موسم ۾ البت وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جي درڪار ٿيندين. تنهنڪري جلد جلد پاڻي ڏيندو رهجين. اڪثر مارچ جي مهيني ۾ هو سختي ڏسندا آهن. انهن ڏينهن ۾ گهڻو ڪري رات جي وقت پنن کي ڪينئان نقصان ڪري ويندا آهن. باغ جي ڪچري کي باهه ڏئي ساڙجي، پوءِ جيڪا رک يا ڪيري ٿئي، سا گلاب جي پوکڻ لاءِ چڱي آهي. ڊڀ جو گاهه پٽي، ذرا ذرا ڪري، سڪائي،. دانگيءَ تي ڀڃي، پوءِ مٽيءَ ۽ ڳائي پراڻي ڀاڻ سان مِلائي ڏيڻ گهرجي. پنن جو ڀاڻ به چڱو آهي. سڀ ڪنهن سال يا ٻئي سال، هڪڙي هنڌان يا هڪڙيءَ ڪونڊيءَ مان ٽپائي، ٻئي هنڌ يا ڪونڊيءَ ۾ رکڻ مان وڻن کي فائدو آهي. اهو ڪم آڪٽوبر ۾ ڪرڻ گهرجي. انهن وڻن جون پاڙون به اگهاڙيون ڪري ٻن ٽن هفتن تائين هوا ۾ رکجن، پوءِ نئينءَ مٽيءَ سان ڍڪي، ججهو پراڻو ڳائو ڀاڻ ملائي، کڻي ڇڏجي. ڊسمبر ۽ جنوريءَ جي مهينن ۾ زمين جي مٿان وڻن جي پاڙن ۾، ڀاڻ ٻُرڪڻ مان به ججهو ئي فائدو حاصل ٿو ٿئي. پاڙ ۾ فوٽ جيتري چوڌاري مٽيءَ جي ڍِڳي ڪري، پوءِ هيٺانهينءَ ۾ هڪڙي ٽوڪري تازي ڇيڻي جي وجهي، مٿان پاڻي ناري يا نيساري وانگي وجهجي. اهو پاڻي پٽڙي ڀاڻ وانگي زمين مان لنگهي ويندو. مهيني مهيني کانپوءِ تازو ڇيڻو وجهڻ چڱو آهي. ڪونڊين کان کليل زمين ۾ گلاب چڱو زور وٺي ٿو. ٽڪرن وارن مڪانن تي هيٺ واري زمين تي گلاب چڱو ٿو ٿئي. ڇانگ ڪرڻ لاءِ هي قاعدو ياد ڪرڻ گهرجي، ته گهڻي وڌڻ واري کي ٿوري ڇانگ ڪجي ۽ ٿوري وڌڻ واري کي گهڻي ڇانگ ڪجي. زور وارن وڻن کي ڇانگ جي گهرج ئي ڪانهي. رڳو پراڻيون ۽ سڙيل ٽاريون، جي سڪي ڪاٺيون ٿي ويون هجن، سي وڍي ڇڏجن. هلندڙ سال وارن رکلين وڻن کي، سو وڍي وڃي ڇهن يا نَونَ اکين تي ڇڏجي. ضعيف وڻن کي خوب ڇانگجي. رڳو ٻه يا ٽي اکيون ڇڏجن، ٻيون مٿيون سڀ وڍي ڇڏجن؛ سو به هلندڙ ورهيه وارن وڻن جي حالت ۾. ڇانگ ڪرڻ لاءِ چڱو وقت اپريل جو مهينو آهي، جڏهن وڻ وڌن نه ٿا ۽ آرام ۾ آهن. جيڪي قسم هميشھ گل ڪندا آهن، تن جون ٽاريون تڏهن ڇانگجن جڏهن انهن ٽارين وارا گل ڇڻن. مٿي چيو ويو آهي ته گلاب لاءِ زمين ڀلي چڱي آهي. جيئن زمين ۾ وڌيڪ سلفر يا گندرف (گندڪ) هوندو، تيئن چڱو. گلاب جو پاڻي، جوهر ۽ عطر گهڻيءَ خوشبوءِ جي ڪري پسند اچي ٿو. پر حڪيم چون ٿا ته سلفيو ريٽيڊ هئڊروجن گئس، جنهن مان تمام گندي بوءِ نڪرندي آهي، تنهن جي ترڪيب يا بناوت ۽ گلابي عطر جي ترڪيب يا بناوت، هڪجهڙي آهي. ٻنهي ۾ سلفر يا گندرف بوءِ پيدا ٿو ڪري. تنهنڪري جنهن زمين ۾ اها شيءِ پوري ناهي، تنهن تي ٿيل گلن ۾ بوءِ گهٽ ٿي ٿئي. هاڻي لوهه جو سلفيٽ ۽ چن جو سليفٽ، پاڻيءَ ۾ ۽ ڳريل حالت ۾، گلاب جي پاڙن ۾ وجهڻ سان، انهيءَ کي ضرور سلفر موجود ڪري ڏيندو. لوهه جو سلفيٽ ته بازار ۾ وڪامي ٿو؛ يعني هيراڪس. باقي چن جو سلفيٽ هٿ سان ٺاهي سگهجي ٿو. هن بابت اسان مٿي به ڪنهن هنڌ بيان ڏنو آهي. هينئن ڪجي جو هڪڙو وڏي منهن وارو دلو يا مٽ يا چاڏو يا ٺڪر جو ٿانءُ هٿ ڪري، ان جي ٻاهران چڱيءَ طرح تيل جو مَک ڏئي وڃجي. رواجي بازاري ڪڙو تيل بس آهي. اهو انهيءَ لاءِ ٿو ڪجي ته گهڻي سيڪ اچڻ ڪري ٺڪر نه ٽِڙڪي. انهيءَ ٿانو جو ڍڪڻ به هٿ ڪجي. ٿورا سير چن جا ڪنهن سنهي پرڻ ۾ ڇاڻي ڪڻڪ جي اٽي جهڙا ڪجن. اڌ سير سلفر (گندرف يا گندڪ) جو پينهين اٽو ڪجي. هر هڪ چن جي پائونڊ يا اڌ سير لاءِ ٻه آئونس سلفر جا گهرجن. انهيءَ حساب تي سلفر توري ڪڍي، ڪنهن ننڍي ٺڪر جو ٿانوَ ۾ وجهجي ۽ پوءِ ان جي منهن تي ڪاغذ ويڙهي اونڌو ڪري، کڻي تئي يا ٽامي جي ٿالهيءَ تي رکجي. اها ٿالهي وري لنگهائي انهيءَ چاڏيءَ ۾ وجهجي ۽ مٿانئس ٿورو ٿورو ڪري سڀ چن وجهجي ۽ پوءِ ڍڪڻ ڏئي اٽي سان لنبي ڇڏجي. پوءِ اَڳيٺيءَ ۾ باهه ٻارجي جڏهن ٽانڊا ٿين، تڏهن منهن بند ٿيل چاڏي کڻي مٿانئس رکجي. ويهن منٽن جي سيڪ کان پوءِ ڪاٺيون وجهي، ڦوڪي باهه ڏجي. باهه کي پيو ڌَنو جي، جسين ڪ گندرف جي سڙڻ جي باس اچي. پوءِ ڌنوڻ يا پکو هڻڻ کڻي بند ڪجي. پوءِ انهيءَ کي باهه اُجهامڻ ۽ ٿانو ٺرڻ تائين ڇڏي ڏجي. ٺرڻ بعد اندر جو مال ڪنهن تارُن جي جڙيل پرڻ مان ڇاڻي ڪڍجي. اهو ٿيو سلفيٽ آف لائيم (يعني چن جو سلفيٽ). اهو ڪنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ وجهي ڍڪي رکي ڇڏجي. اهو گهرج مهل آسانيءَ سان پاڻيءَ ۾ ڳري ويندو. انهيءَ جو هڪڙو آئونس پاڻيءَ جي هڪ گئلن لاءِ بس آهي، تنهن ۾ وري هڪڙو آئونس هيراڪس جو به وجهجي. انهيءَ مصالحدار پاڻيءَ مان هڪڙو پائنٽ، يعني هڪ ٻاٽليءَ جيترو، هر هڪ گلاب جي وڻ لاءِ بس آهي. هڪ نه ٻئي ڏينهن، يا هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڪافي آهي، خصوصاًگلن ڪرڻ وارن ڏينهن ۾. اهو مصالحي وارو پاڻي رڳو شام جي وقت ڏجي سلفيورڪ ائسڊ يعني سلفر يا گندرف جي تيزاب جو ضرور ٿئي ٿو. مثلاً جيرينيم گل جي وڻ جا پن ڪسارا آهن ۽ ان جا گل ڳاڙهي ۽کهنبي ۽ ٻين ڦڪن ڳُوڙهن رنگن جا ٿا ٿين. انهيءَ مان سمجهجي ٿو ته رنگ لوهه جي ڪري آهي ۽ کاراڻ گندرف جي ڪري. گلاب جو پن کارو يا ڪسارو ناهي، مگر ان جي ڇوڏي ۽ ٻج جي ڦريءَ ۾ کاراڻ رهي ٿي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته ان ۾ لوهه ۽ گندرف ٻنهي جا جزا موجود آهن. جيڪڏهن اسين ڳاڙهي گلاب جي گل جا پن ڪنهن چانديءَ جي چمچي ۾ رکي، ساڙي رک ڪنداسين ته ان ۾ جيڪو گندرف موجود آهي، سو چمڪندڙ چمچي جو رنگ ڦيرائي ڇڏيندو. اهڙي آزمودي سان ڪنهن به نباتاتي شيءِ ۾ گندرف جي هئڻ جي خبر پئجي سگهي ٿي.. صبح جو وري دستور موجب رواجي پاڻي ڏجي، جو چن جا جزا پاڻهئي هيٺ پاڙن ۾ کڻي ويندا.[2]

قسم[سنواريو]

پهريون، هڪڙا يورپ ۽ الهندي ايشيا وارا گلاب – جهڙوڪ، گوبي گلاب، دمشقي گلاب ۽ فرينچ گلاب – هن جماعت جي خاصيت اها آهي ته اهي رڳو جون ۽ جولاءِ وارن مهينن ڌاري گل ڪن ٿا، تنهنڪري انهن کي موسمي گلاب چئي سگهجي ٿو. ٻيو، اڀرندي ايشيا وارا گلاب، يعني جيڪي هندستان، چين ۽ بوربون جا آهن، جي گهڻو ڪري سڄو سال گل ڪن ٿا ۽ تنهنڪري انهن کي سدا گلاب چئي سگهجي ٿو.[3]بهاري يا موسمي گلن مان: پهريون، پراونس روز، جنهن جو ڪتابي نالو روز اسينٽيفوليا (يعني سئو پنن وارو گل) آهي. هن کي فارسيءَ ۾ گل صد برگ چوندا آهن. هن قسم هيٺ ڪابيج روز (يعني گوبي گلاب)، ۽ ماس روز (يعني سينور وارو گلاب) اچي وڃن ٿا. ٻيو، ڊامسڪ روز، (يعني دمشقي گلاب). هن قسم ۾ بصرائي گلاب يا ايراني گلاب اچي وڃي ٿو. اهو تمام خوشبودار آهي ۽ هندستان ۾ عام آهي. هتي گهڻو ڪري موسمي گلاب انهيءَ کي چوندا آهن. هن جون ٻه ذاتيون آهن: هڪڙي ڳاڙهن گلن جي، ٻي اڇن گلن جي. رڳو مارچ ڌاري گل ڪندا آهن. هي جلد ڇاڻي وجهندا آهن. نومبر جي مهيني ۾ هنن جي پاڙن جي مٽي ڪڍي، هفتو ٻه پاڙن کي هوا ڏيندا آهن، پوءِ وري ڳائو ڀاڻ وجهي ڀري ڇڏيندا آهن. ٽيون، اگلنٽائن يا سُوئيٽ برائر، هي هندستان ۾ عام آهي. ننڍڙا پيازي گل ڪندو آهي. هن کي ڇانگ نه ڪبي آهي، جو تمام نازڪ آهي. هن جا قلم ڪين لڳندا آهن، رڳو اکيون، اوڌون ۽ پيوند لڳندا اٿس، يا ٻج پوکبو اٿس. ٻج ٻارهين يا ارڙهين مهيني ڦُٽيس ٿو. چوٿون، پرشن ييلو، (يعني ايراني پِيلو گلاب). هي سونهري پيلي رنگ جا وڏا ۽ ڊبل گل جهليندو آهي. پنجون، بانڪشين روز، هن ذات جا گل جدا جدا رنگن جا ٿين ٿا. هي ٻوڙي وانگي نٿا ٿين، پر ول وانگي پکڙندا ۽ گيل ڪندا آهن. ڪن ۾ ته ڪنڊو بنهه ڪو نه ٿئي. گل وڏا ڪندا آهن. اڪثر چين مان آيل آهن. ڪي ته وري وڻ تي چڙهي ويندا آهن. ڇهون، چيني ۽ بوربوني گڊا.خزاني يا مدامي (سدا) گلن مان: پهريون، ڊامسڪ پرپيچوئل، (يعني دمشقي مدامي). هي وڻ قد جو بندرو ۽ گل وڏا پيالي جي شڪل جا ٿا ٿينس. هي قلمن سان ٿئي ٿو. ٻيو، هائبرڊ پَر پيچوئل؛ (يعني گڊا مدامي). هي وڻ ولايت ۾ سڀ کان عمدا سمجهيل آهن، جو قد توڙي رنگ، توڙي خوشبوءِ توڙي جٽاءَ ۾ سڀني کان سَرس آهن. بهار جي موسم ۾ هنن جي ڇانگ ڪرڻ گهرجي. ٽاريون وڍي ٽينءَ چوٽينءَ پتيءَ جيتريون باقي ڇڏجن. آڪٽوبر ۾ ڇانگ ڪجي ۽ نومبر ۾ قلم هڻجن. هن قسم جون تمام گهڻيون ذاتون آهن، جن جانالا به عجيب آهن ۽ اڪثر وڏن وڏن ماڻهن جي نالن جهڙا نالا اٿن. ٽيون، بوربون روزز (يعني بوربون جا گلاب). هنن مان ايڊورڊ ۽ ڪوئين نالي مشهور آهن. هنن جا گل خوشبودار آهن ۽ گهڻي تائين جٽاءُ ڪن ٿا. ڇانگ ڪرڻ گهرجين. هنن جون اکيون ۽ قلم لڳن ٿيون. چوٿون، چائنا روزز؛ (يعني چيني گلاب). هن قسم جا وڻ اڪثر قد جا بندرا آهن. هن جا اڇا ۽ کهنبا گل هتي گهڻا ٿين ٿا، جي هلڪا ۽ يڪا ٿيندا آهن. هڪڙي کي ته ننڍڙي قد جي ڪري فيئري ڪوئين (يعني پرين جي راڻي) چون ٿا. پنجون، ٽي سينٽيبل روزز؛ (چانهه جي بوءِ وارا گلاب). هن قسم جا وڻ ننڍي قد وارا ۽ تمام نازڪ ٿين ٿا. انهن جي گلن ۾ چانهه جهڙي باس ٿيندي آهي. هي گهڻن رنگن جا ٿيندا آهن ۽ ڌاڍا سهڻا لڳندا آهن. ڇهون؛ نائزيٽ، هن کي اصل گڊو گلاب چون ٿا. ننڍن ۽ ڀريلن گلن جا ڇڳا جهليندو آهي. هن جي قسم وارا وڻ هميشھ گل ڪندا آهن پر فيبروريءَ جي مهيني ۾ سندن رونق گهڻي هوندي آهي. هي به گهڻن ئي رنگن جا آهن ۽ جدا جدا نالا اٿن. هنن مان ڪي چانهه جي بوءِ وارا نائزيٽ به آهن، جي ولين جهڙا ٿيندا آهن. هي وڏيرڙا گل ڪندا آهن. ستون، مَسڪ روزز، (يعني مُشڪي گلاب). هن کي هندستاني ماڻهو سيئوتي سڏيندا آهن. هي گلاب هندستان جي ڪن ٽَڪرن ۾ جهنگلي به ٿيندو آهي. هن جو وڻ ڇهن ستن فوٽن جيڏو به ٿيندو آهي. ايران ۾ ته هن گل جا وڻ ٽيهه فوٽ وڏا به ڏٺا ويا آهن. هن جا گل ننڍڙا ميرانجهڙي اڇي رنگ جا آهن. هن ۾ هڪڙي قسم جي خوشبوءِ ٿيندي آهي، جا مُشڪ يا کٿوريءَ کي اچي ويجهي پوي ٿي. تنهنڪري ته مشڪي نالو پيو اٿس.[4]ڪي قسم جهڙوچانهه جي بوءِ وارا نائزيٽ ۽ ڪي ٻيا ولين جهڙا ٿيندا آهن ۽ جي ٻين شين تي چڙهي ويندا آهن. انهن جي ٽيڪ لاءِ بانس جا پڃرا ٺاهڻ گهرجن. يا ته وڻ جي چوڌاري بانس جون چيريل پٽيون، يا سنهڙيون لٺيون کوڙي وڃجن. پوءِ وڻ جون ٽي چار وڏيون ٽاريون ڇڏي، ٻيون سڀ ڇانگي ڇڏجن. باقي بچيل ٽارين کي هٿ سان وٺي ڪاٺين تي وڪڙ ڏئي چاڙهي ڇڏجن، ته پاڻهئي چڙهڻ سکي وينديون. هيٺان گاهه پٽي صاف ڪري ڇڏجي ته پاڻي ۽ ڀاڻ ڏيڻ ۾ سولو ٿئي. ايراني گلاب جا گهڻا ئي قسم آهن، جن جا ڪي مشهور نالا هيٺ ڏجن ٿا: گل پياده (هن ۾ بوءِ ڪا نه ٿيندي آهي). گل رعنا، (هي ڏاڍو خوشبوءِ وارو گل آهي). گل سوري، (هي زردي رنگ جو گلاب آهي). گل صد برگ، هي وڏو ڊبل گل آهي، جنهن جو مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي). گل بي فرمان، (هي ڦڪي ڳاڙهي رنگ جو آهي). گل ليُسوري، (هي به چڱن گلن مان هڪڙو آهي). گل دو رنگ، (هي ٻن رنگن وارو گلاب آهي).[5]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  3. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  4. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  5. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]