گرجي نامہ
| ايڊيٽر | فائزه زهرا مرزا |
|---|---|
| ليکڪ | مرزا قليچ بيگ (مرتب) |
| اصل عنوان | فارسي: گرجینامه |
| ٻولي | فارسي |
| موضوع | فارسي شاعري، سنڌي ادبي تاريخ |
| صنف | شاعري |
| ڇاپيندڙ | مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان، اسلام آباد |
| ذريعي جو قسم | ڇپيل |
گرجي نامہ ((انگريزي: Gurji Nama)) فارسي شاعريءَ جو هڪ مجموعو آهي، جنهن کي مرزا قليچ بيگ مرتب ڪيو. هن ڪتاب ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ سندس خاندان سان واسطو رکندڙ ڪيترن شاعرن جو فارسي ڪلام شامل آهي. ڪتاب جي جديد ايڊيشن فائزه زهرا مرزا جي تصحيح، تدوين ۽ مقدمي سان مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان، اسلام آباد، پاران شايع ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي علمي رهنمائي ڊاڪٽر محمد حسين تسبيحي ڪئي.[1]
ڪتاب جي نالي گرجي جي نسبت مرزا قليچ بيگ پنهنجي خاندان جي جارجيا (گرجستان) سان تعلق ڏانهن منسوب ڪئي آهي. هن پنهنجي خودنوشت سائو پن يا ڪارو پنو ۾ لکيو آهي ته سندس نانو ۽ پيءُ جارجيا جي گاديءَ واري شهر تفلس جا رهواسي هئا، جنهن سبب سندن خاندان گرجي جي نسبت سان مشهور ٿيو.[2]
گرجي نامہ ۾ شامل شاعرن ۾ مرزا خسرو بيگ خسرو، مرزا فريدون بيگ قانع ۽ مرزا قليچ بيگ قليچ نمايان آهن. ڪتاب ۾ غزل، مثنويون، قصيدا، رباعيون، مقطعات، مفردات ۽ ٻيون صنفون شامل آهن. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪيترن غزلن ۽ رباعين کي عنوان پڻ ڏنا آهن.[3]
ادبي محققن موجب گرجي نامہ نه رڳو فارسي شاعريءَ جو مجموعو آهي، پر ان ۾ گرجي خاندان جي ادبي ورثي سان گڏ سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي پهلوئن بابت پڻ اهم مواد موجود آهي، جنهن سبب هي ڪتاب سنڌ جي فارسي ادبي ورثي جي مطالعي لاءِ هڪ اهم ماخذ طور شمار ڪيو وڃي ٿو.[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڊاڪٽر گل حسن لغاري، ”گرجي نامہ“ ڪتاب جو هڪ تعارف، مهراڻ، سال 2003، شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.}
- ↑ {ڊاڪٽر گل حسن لغاري، ”گرجي نامہ“ ڪتاب جو هڪ تعارف، مهراڻ، سال 2003، شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.}
- ↑ {ڊاڪٽر گل حسن لغاري، ”گرجي نامہ“ ڪتاب جو هڪ تعارف، مهراڻ، سال 2003، شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.}
- ↑ {ڊاڪٽر گل حسن لغاري، ”گرجي نامہ“ ڪتاب جو هڪ تعارف، مهراڻ، سال 2003، شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.}