گدرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

گِدرو، گدرن جا سادا قسم، جي ڀاڄين وانگي ڪم ايندا آهن، جي اسان مٿي ڀاڄين جي باغ ۾ ڏنا آهن، جيڪي عمدا قسم آهن سي اسين هتي ميون جي باغ ۾ ڏيون ٿا. اول درجي وارو گدري جو قسم اهو آهي، جنهن کي سَردو چوندا آهن ۽ جو اصل ڪابل ۾ پيدا ٿيندو آهي. اهو اڪثر هندستان ۾ ٿي ڪين سگهندو آهي. تنهن کانپوءِ ٻئي درجي وارو ۽ سائيءَ ڳر وارو، سردي جهڙو گدرو به آهي؛ جو پڻ ڪابل ۾ ٿيندو آهي ۽ هتي به وڪامڻ ايندو آهي. اهو فيروزپور ۽ ڪن ٻين هنڌن ۾ چڱو ٿيندو آهي. ٻج وڏو ٿيندو اٿس.[1] انهن ڪابلي قسمن کان پوءِ لکنئو جا گدرا عمدا ٿيندا آهن، جن کي اڇي هئڻ سبب سفيدا چوندا آهن. اهي قد جا ننڍا، وڏيءَ نارنگيءَ جيڏا ٿيندا آهن، اندر ٻاهر سفيد ۽ تمام مٺا ٿيندا آهن. اهي وارياسي زمين ۾ ڏاڍا ڀلا ٿيندا آهن. انهن جو ٻج مارچ ۾ پوکبو آهي.

ٻيا به ڪي قسم ڏيهي گدرن جا تمام چڱا ٿيندا آهن، جن ۾ خوشبو توڙي لذت چڱي ٿيندي آهي. بعضي انهن ۾ کنڊ وجهي به کائيندا آهن. انهن جي پوکڻ جو رستو مشڪل ناهي. زمين جيترو کليل هجي اوترو چڱو. ست پَتيون مٽي ۽ اٺين پتي واريءَ جي گدرن لاءِ چڱي آهي. چئن يا ڇهن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي کڏون هڻي وڃجن، جي ٻه فوٽ اونهيون ۽ ٻه اڍائي فوٽ ويڪريون هجن. يا ته چريون کڻي وڃجن، جي چوڏهن انچ اونهيون ۽ ٻه فوٽ ويڪريون هجن. هر هڪ چريءَ ۾ ٻه قطارون ٻجن جون پوکي وڃجن. جڏهن سلا هڪ فوٽ جيڏا ٿين تڏهن ڪڍي ٻاهر ٻنن تي ڇڏجن پر نظر رکجي ته پاڻيءَ سان نه وڃي لڳن. پاڻي ڳو پاڙن کي ملڻ گهرجي. ولين جي لاءِ چڱو ڀاڻ آهي اڌ مٽي ۽ اڌ لِڏ يا ڇيڻي جو. مارچ جي وچ يا پڇاڙيءَ ڌاري ٻج پوکجي. عمدن قسمن جي ٻج کي بهتر آهي ته سوسڙي پاڻيءَ ۾ چوويهن ڪلاڪن تائين ڀِڄائجي. پوءِ آلي ڪپڙي ۾ ويڙهي رکجي، يا ته آليءَ رک ۾ ڍڪي ڇڏجي ته ڀلي ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڦٽي. پوءِ کڻي فوٽ فوٽ پنڌ تي زمين ۾ انچ يا ڏيڍ اونهو پوکجي. انهيءَ وقت تمام گهڻو پاڻي ڏجيس، پوءِ به ڏهاڙي شام جو پيو پاڻي ڏجي، جيسين ڪسلا زمين کان ٻه انچ مٿي اچن. پوءِ رڳو ڪڏهن ڪڏهن پاڻي ڏجين.[1]

مٿين سمجهاڻي چڱن گدرن جي ”چُيو“ صاحب جي ڏنل آهي، جا گهڻي ڪمائتي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن وليون گل ڪن تڏهن پاڻي جهلجي، ۽ جڏهن ڦر جهلڻ لڳن تڏهن جام پاڻي ڏجين، وري جڏهن ڦر پچڻ لڳي، تڏهن وري پاڻي روڪجي. گدرو جيترو ول جي پاڙ کي ويجهو هوندو اوترو چڱو ٿيندو. انهيءَ ڪري تجويز سان ولين جي ڇانگ ڪندا آهن، اها هن طرح جو پهرين چئن پنن نڪرڻ کان پوءِ، جيڪا شاخ انگور وانگي نڪري تنهن کي چپٽيءَ سان پٽي وٺجي. انهيءَ ڪري سلا پاسي تي وڌڻ لڳندا. جڏهن پاسي واريون ٽارڙيون چئن انچن جيڏيون ٿين، تڏهن وري چوٽي پٽجين، ته وري ٻيون تارڙيون پاسن کان ڪڍن. انهيءَ طرح ڪندو وڃجي. هر هڪ ٽاريءَ ۾ هڪ ٻه ڦر پريندي ڇڏي ڏجي. جڏهن وڏيرڙيون ٿين تڏهن هر هڪ ول ۾ ٻه مضبوط ٽاريون ڇڏجن، جنهن ۾ هڪڙو هڪڙو تمام چڱو پتو هجي، ٻيون چِپي يا پٽي ڇڏجن.

گدرو جيسين ڪچو ۽ ننڍو آهي، تيسين ونگن وانگي ان کي به ڳاڙهي ٽنڊڻيءَ جي نقصان جو ڊپ آهي. ان جو سولو علاج اهو آهي ته سڙيل ڪاٺيءَ جي رَک پنن تي ٻُرڪي ڇڏجي. پر انهيءَ ڪري جو ول جا سوراخ يا مسام بند ٿيندا، تنهنڪري اها وري ٻي حرڪت چئبي. ايران ۾، گدرن جي پرورش لاءِ ڪبوترن جون وٺيون تمام اُچو ۽ فائدي وارو ڀاڻ سمجهيل آهن. چون ٿا ته ڪابل ۾ جڏهن سَردي جو پِتو اکروٽ جيڏو ٿيندو آهي، تڏهن گپ جو پنوڙو کڻي ان جي مٿان ورائي ڇڏيندا آهن ۽ زمين ۾ ان جي لاءِ کڏڙي کڻي ان ۾ رکي ڇڏيندا اٿس. ڪي ڪي ته گدرا اڃا ولين ۾ هوندا آهن ته واريءَ ۾ پوري ڇڏيندا آهن، انهي ڪري قد ڪندا آهن. عمدي قسم جي گدري جو ٻج صاف ڪري سنڀالي رکجي ته متان ڪو سادي قسم جو ٻج ان سان گڏجي وڃي. ٻج تازي گدري مان ڪڍي مٽيءَ سان گڏ مهٽي، سُڪائي، رکي ڇڏجي.گدري کي فارسيءَ ۾ خربُوز چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ مَسڪ ميلن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو