گاھ
گاھه (Grass) تڪنيڪي طور تي هڪ داڻي وارا ٻوٽا هوندا آهن، خاص طور تي هربيسيس ٻوٽا آهن جن جا پن سنها هوندا آهن جيڪي ٻوٽي جي هيٺين حصي مان نڪرندا آهن. بانس يا بمبو (Bamboo) به هڪ گاھه جو ئي ٻوٽو آهي، جنهن کي آرائش يا بيئن تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، ڪمند پڻ گاھه آهي، جنهن کي شڪر ٺاهڻ لاء استعمال ڪيو ويندو. ڪجهه جھنگلي گاھون، جهڙوڪ ڀنگ جي گاهه تفريح لاء استعمال ڪئي ويندي آهي. گاهه کي باغن ۽ گهرن ۾ لان جي لاءِ به پوکيو ويندو آهي. سبزي خور جانور خاص طور تي گاھه تي ڀاڙيندا آهن.

گاهه (Grass) جو اطلاق ٻوٽن جي مختلف خاندانن تي ٿئي ٿو. گاهه جهڙي ٻوٽن جا ٽي وڏا خاندان آهن: اصل گاهه (Poaceae)، سيجز يا ڪاني جهڙا ٻوٽا (Cyperaceae) ۽ رشز يا نلڪي نما ٻوٽا (Juncaceae). باغن ۽ گهرن جي لان ۽ چراگاهه عام طور تي ”اصل گاهه“ جي قسمن تي مشتمل هونديون آهن؛ انهن مان پنج قسم: چانور، ڪڻڪ، مڪئي، جَوَ ۽ ڪمند دنيا جي زرعي زمين جي 46 سيڪڙو حصي تي پکڙيل آهن.[1][2]
گاهه جو نالو ٻوٽن جي هڪ وسيع ۽ مختلف گروهن تي لاڳو ڪيو ويو آهي، جن ۾ نرم ٿڙ وارا ٻوٽا (herbaceous plants) به شامل آهن جن جا پن ۽ ٿڙ پاليل توڙي جهنگلي جانور کائيندا آهن. هن لفظ جو بنياد شايد پروٽو هند-يورپي ٻوليءَ جي لفظ، گھ.ر.ه (gʰreh₁-) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ وڌڻ يا اُڀرڻ آهي.[3]
گاهه مان مراد ڪو سائو علائقو به ٿي سگهي ٿو، جهڙوڪ لان، پارڪ يا ميدان؛ اهڙيون جايون اڪثر تفريح يا راندين، مثال طور لان ٽينس يا هاڪي لاءِ استعمال ٿينديون آهن. [4] 1970ع واري ڏهاڪي کان وٺي، ڪجهه راندين (مثال طور هاڪي) جي ميدانن ۾ سار سنڀال جي خرچ کي گهٽائڻ لاءِ مصنوعي گاهه لڳايو ويو آهي. [5]
2020ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾، "ٽچنگ گراس" (touching grass) جهڙي اصطلاح (slang) وجود ۾ آئي. اها اصطلاح عام طور تي انهن ماڻهن لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ سماجي ڄاڻ يا ٺهڪندڙ رويي جي کوٽ هوندي آهي؛ ان جو سبب انٽرنيٽ جو حد کان وڌيڪ استعمال آهي ۽ نتيجي طور ٻاهرين دنيا سان رابطي يا تجربي جي کوٽ هوندو آهي.[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Kraehmer, Hansjoerg, مرتب (2019). Grasses: Crops, Competitors, and Ornamentals (انگريزي ۾). Wiley. ص. 3. ISBN 978-1-119-41680-7.
- ↑ Hipp, Andrew L. (2008). Field Guide to Wisconsin Sedges: An Introduction to the Genus Carex (Cyperaceae) (انگريزي ۾). Madinson, WI: The University of Wisconsin Press. ص. 6. ISBN 978-0-299-22590-2.
- ↑ Jr, James P. Smith (2014-09-12). Field Guide to Grasses of California (انگريزي ۾). Univ of California Press. ISBN 978-0-520-95843-2.
- ↑ "Grass". Cambridge Dictionary. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 3 September 2025 تي محفوظ ڪيل. 12 July 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The Cost of Natural Grass vs. Artificial Turf in Sports". aptasiapacific.com.au (آسٽريليائي انگريزي ۾). 2024-10-30. 2026-07-18 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Today's SLANGUAGE (Gen Z): Touch Grass". ABS-CBN. 30 September 2025.
{{cite web}}: CS1 maint: url-status (ڳنڍڻو)
- مضمون with short description
- Short description matches Wikidata
- اهڙا مضمون جن ۾ هيٽ نوٽ سانچا غير موجود صفحي کي نشانو بڻائن ٿا
- Wikipedia indefinitely semi-protected pages
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 آسٽريليائي انگريزي-language sources (en-au)
- CS1 maint: url-status
- Portal templates with redlinked portals
- Pages with empty portal template
- گاهه
- گاهه جا ميدان
- ٻوٽا بلحاظِ واڌ ويجهه
- ٻوٽن جون حياتياتي صورتون
- ٻوٽا
- باغباني
- زراعت