مواد ڏانھن هلو

گانو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گانو (Song) سُر ۽ سازن سان ڳايل گيت کي چيو ويندو آھي. [1] گانو هڪ موسيقيائي تخليق آهي جيڪا انساني آواز وسيلي پيش ڪئي ويندي آهي. آواز اڪثر ڪري سر (melody) کڻي هلندو آهي، جيڪو مقرر ۽ الڳ الڳ سرن جي ترتيب تي ٻڌل هوندو آهي ۽ آواز ۽ خاموشيءَ جي نمونن ذريعي ٺھندو آهي. گانن جي هڪ خاص بناوت هوندي آهي، جھڙوڪ عام ABA صورت، ۽ اهي عام طور مختلف حصن تي مشتمل هوندا آهن جيڪي وري ورجائبا آهن يا بعد ۾ ٿوري تبديلي سان پيش ڪيا ويندا آهن. اهڙو گانو جنهن ۾ ساز استعمال نہ ٿين، ان کي ا ڪپيلا (a cappella) چيو ويندو آهي.

اهي لکيل لفظ جيڪي خاص طور موسيقي لاءِ تيار ڪيا وڃن، يا جن لاءِ موسيقي خاص طور ٺاهي وڃي، تن کي ٻول يا ليرڪ (lyrics) چيو ويندو آهي. جيڪڏهن اڳ ۾ موجود ڪنھن نظم کي ڪلاسيڪي روايت مطابق موسيقي سان جوڙيو وڃي تہ ان کي آرٽ گانو (art song) چيو ويندو آهي. اهڙا گانا جيڪي ورجائتي سرن تي بغير واضح لھرن ۽ چڙهاءَ لھاءَ جي ڳايا وڃن، تن کي چينٽ (chant) سڏيو ويندو آهي. سادي انداز ۾ ٺهيل ۽ غير رسمي طور ٻڌي سکيل گانن کي اڪثر لوڪ گيت (folk songs) چيو ويندو آهي. جڏهن تہ وڏي مارڪيٽ لاءِ تيار ڪيل، پيشاور ڳائڻن پاران ڳايل ۽ ريڪارڊنگ يا لائيو شو ذريعي پيش ڪيل گانن کي مقبول گانا/گيت (popular songs) چيو ويندو آهي. اهڙا گانا، جن جي وڏي مقبوليت هوندي آهي، عام طور تي پيشاور گانا نويس، موسيقار ۽ بول لکندڙ تيار ڪندا آهن؛ جڏهن تہ آرٽ گانا تربيت يافتہ ڪلاسيڪي موسيقارن طرفان ڪنسرٽ يا ريسائيٽل لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن.

گانا اسٽوڊيوز ۾ پيش ڪري آڊيو ريڪارڊنگ طور محفوظ ڪيا ويندا آهن يا سامعين جي سامهون لائيو پيش ڪيا ويندا آهن. (ڪجهہ حالتن ۾ گيت لائيو پيش ڪندي ساڳئي وقت ريڪارڊ پڻ ڪيا ويندا آهن.) گانا ٿيٽر (جھڙوڪ اوپيرافلمن ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ پڻ شامل هوندا آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.