مواد ڏانھن هلو

گارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گارو مٽيءَ تي ٻڌل هڪ روايتي اڏاوتي مسالو آهي، جيڪو عام طور مٽيءَ ۽ پاڻيءَ کي ملائي تيار ڪيو ويندو آهي. اهو خاص طور تي ڪچين سرن، مٽيءَ جي سرن ۽ ٻين روايتي مٽيءَ وارين اڏاوتن ۾ سرن يا ٻين اڏاوتي جزن کي پاڻ ۾ ٻڌڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. گاري لاءِ استعمال ٿيندڙ مٽي صاف، ٺوس ۽ ڪلر، ڪچري، اڏوهيءَ توڙي ٻين غيرضروري مادن کان پاڪ هئڻ گهرجي.[1]

گارو تيار ڪرڻ لاءِ مٽيءَ ۾ مناسب مقدار ۾ پاڻي ملائي ان کي چڱيءَ طرح ڳوهيو ويندو آهي. روايتي طريقي ۾ مٽيءَ کي صاف زميني سطح تي پاڻيءَ سان ملائي ڪجهه وقت تائين لتاڙيو ويندو آهي، جيئن ان ۾ گهربل لچڪ ۽ هڪجهڙائي پيدا ٿئي، مٽيءَ جا ڀتر ڀڄي وڃن ۽ تيار ٿيل گاري ۾ ڳنڍا يا ڳوڙها باقي نه رهن.[1]

مٽيءَ ۾ موجود چيڪي مٽي گاري ۾ ٻڌڻ واري مادي طور ڪم ڪري ٿي، جڏهن تہ واري جهڙا داڻيدار جزا ان جي بناوت ۽ پائيداريءَ تي اثرانداز ٿين ٿا.[2] گهڻي چيڪي مٽي پاڻي جذب ڪرڻ وقت ڦهلجي ۽ سڪڻ وقت سُسي سگهي ٿي، جنهن سبب گاري يا مٽيءَ جي اڏاوت ۾ ڏار پيدا ٿيڻ جو امڪان وڌي وڃي ٿو. مناسب مقدار ۾ واري ملائڻ سان اهڙي سُسڻ ۽ ڏار پوڻ کي گهٽائي سگهجي ٿو.[3] انهيءَ ڪري جيڪڏهن استعمال ٿيندڙ مٽي تمام گهڻي چيڪي هجي ۽ سڪڻ کان پوءِ ان ۾ ڏار پوڻ يا ٽڪرا ٿيڻ جو انديشو هجي تہ ان ۾ مناسب مقدار ۾ درياهي واري ملائي سگهجي ٿي.[1]

مٽيءَ جو مسالو خاص طور ايڊوبي ۽ ٻين مٽيءَ تي ٻڌل اوسارين سان موافق هوندو آهي. اهڙين اڏاوتن ۾ مسالي جي جوڙجڪ عام طور اڏاوتي سرن يا بلاڪن جي مٽيءَ سان ملندڙ جلندڙ رکي ويندي آهي، جنهن سان ٻنهي مادن جي طبعي خاصيتن ۾ مطابقت برقرار رهي ٿي.[4]

گاري ۽ ٻين مٽيءَ تي ٻڌل اڏاوتي مادن جي اهم ڪمزورين مان پاڻي ۽ موسمي گسڻ آهن. مينهن، وهندڙ پاڻي ۽ هوا سان ايندڙ واريءَ جا ذرڙا وقت سان مٽيءَ جي سطح کي کاڄي سگهن ٿا؛ انهيءَ ڪري تاريخي مٽيءَ وارين اڏاوتن ۾ گاري جي مرمت ۽ جوڙن جي ٻيهر ڀرائي تحفظ جو اهم حصو هوندي آهي.[5][6]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
  2. "Earthen Architecture - Glossary of Terms". National Park Service. 8 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  3. "Preservation". National Park Service. 8 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  4. "Earthen Architecture - Glossary of Terms". National Park Service. 8 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  5. "Earthen Architecture - FAQs". National Park Service. 8 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  6. "Mortar Repair". National Park Service. 8 August 2026 تي حاصل ڪيل.