ڪڪر مئل
ڏيک
ڪڪر مئـَـل (عربي: زيدالطويٰ، فارسي: ابر مرده، هندستاني، وغيره: موا بادل، اسفنج، غمامہ، صيفوخا ۽ مرشفہ) پشم جي ويڙهي وانگر گهاٽي ڀوري رنگ تي، سمنڊ جي پيدائش آهي.
طب
[سنواريو]هن کي ساڙي خاڪ ڪري زيتون جي تيل ۾ ملائي ڦٽن ۽ خارش وارين جاين تي مرهم وانگر ڪم آڻجي، هن جي خاڪ کي سرمي وانگر استعمال ڪبو تہ اکين جي ڌنڌ ۽ اُٿيل اکين کي فائدو ڪندو. هن کي ذرا ذرا ڪري پاڻيءَ ۾ پسائي رکجي، پوءِ اهو پاڻي ڇاڻي پياربو تہ بواسير جو رت، پيشاب ۾ ايندڙ رت، آنڊن جي زخم، نڙيءَ ۾ ڄور چهٽل هجي تہ اُن جي ڪڍڻ لاءِ مفيد آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري، ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.