مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ڪڪروندو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪڪروندو: نالا: هندي - ڪڪرونده، عربي - ڪمافيطوس، پنجابي - ڪڪڙ ڇدي، بنگالي - ڪڪرمتا، انگريزي (ڊاگ بـُـش Dog Bush). سڃاڻپ: هڪڙي قسم جي بدبودرا ٻوٽي آهي، جنهن جا پن ڪاسني جئان ٿين ٿا. هي ٻوٽي پشمدار هئڻ سبب سفيد ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هن جا گل پيلا ٿين ٿا، هن ۾ ڪافور جو جزو ٿئي ٿو. ذائقي ۾ تلخ آهي.


طب[سنواريو]

پيدائش: قبرستان ۽ هيٺاهين زمينن ۾ سردي جي موسم ڌاري پيدا ٿيندڙ آهي. (هندي ۽ رومي ٻن قسمن جو ٿئي ٿو.) خاصيت: اکين اٿڻ لاءِ هن جي پنن جي رس مفيد آهي. رس مان ڪپهه ٻوڙي، ٻارن جي مقعد ۾ رکائي وڃي ته سندن پيٽ جا ڪينئان مري وڃن ٿا. خوني بادي بواسير لاءِ کارائي ويندي آهي. هن جي ڪتب آڻڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته هن جي پنن جي رس باهه تي ڪاڙهي گهاٽي ڪري ان ۾ ڪارا مرچ ڪٽي ملائي گوريون بڻايون وڃن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو