ڪڪرالھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪڪراله جو پرڳڻو شاه بندر جي الهندي سمنڊ تائين هوندو هو. سنه 995ھ (سنه 1567ع) ڌاري مرزا محمد باقي ترخان جي وقت ۾ ڄام ڏيسر ڪڪراله جو حاڪم هو. مرزا جان بابا محمد باقيءَ سان ٺٽي ۽ مڪليءَ جي وچ تي وڙهي شڪست کائي ڪڪراله جي ڄام وٽ مدد لاءِ آيو؛ پر هن مدد نه ڏنيس، تڏهن سميجن ڏي هليو ويو. سگهوئي پوءِ وري به جان بابا ۽ مرزا باقيءَ جي وچ ۾ لڪيءَ وٽ لڙائي لڳي ۽ وري به جان بابا شڪست کائي ڪڪراله ڏي ڀڳو. يادگار مسڪين به تڏهن ساڻس هو، پر سگهو ئي پوءِ هو ٻئي مارجي ويا. سنه 1009ھ (سنه 1600ع) ڌاري ڄام ڏيسر جو پٽ ڄام هاله ڪڪراله جو حاڪم هو. انهيءَ سرحد تي ڪن جاگيردارن جي زمين تي دخلو ڪيو هو ۽ ڦرلٽ ڪئي هئائين ۽ ڪي ماڻهو ماريا هئائين، تنهنڪري مرزا غازي بيگ لشڪر وٺي ڪڪراله تي ڪاهي ويو. ڄام هاله جي مائٽن مان هڪڙو ڄام داؤد سندس سوُنهو ٿيو. ڄام هاله شڪست کائي ڀڳو. مرزا غازي ڄام داؤد جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ ڪڪراله جو ملڪ ورهائي ٽي ڀاڱا ڪيائين. هڪڙو ڄام داؤد کي ڏنائين ۽ ٻه ڀاڱا پنهنجي ملڪ سان گڏي ڇڏيائين. سنه 1151ھ (سنه 1738ع) ۾ جڏهن نادر شاهه سنڌ ۾ اچڻ وارو هو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو راڄ هو، تڏهن ميان جي لاڙڪاڻي ڏي وڃڻ ڪري ڪڪراله جي ڄام ۽ ڌاراجه جي حاڪم پاڻ ۾ شامل ٿي جهازن تي لشڪر چاڙهي پهرين کاٽ تائين ۽ پوءِ نصرپور تائين آيا، پر ڪلهوڙن توبون هڻي ڀڄائي ڪڍيو. جڏهن نواب مير خان دهليءَ جي بادشاه شاه جهان جي پاران ٺٽي جو نواب هو، تڏهن بادشاه نواب کي حڪم موڪليو ته اڳوڻي نواب شريف خان کي ۽ سندس دوست ڪڪراله جي ڄام ۽ ٻين کي مارائي ڇڏي، جو هن شاه جهان کي ٺٽي ۾ اچڻ وقت تڪليف ڏني هئي، جڏهن هو اڃا شاهزادو هو، نواب انهيءَ حڪم جي تعميل ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو