ڪٽوھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪٽوهر (ٻيا نالا: ع. خبث الحديد، ف. ريم، ھ. لوهچون، تفال، زمه ۽ زعفران الحديد)

سڃاڻپ: پراڻو سڙيل لوهه هيڊي رنگ تي ٿيندو آهي. هن کي صفا ڪري پوءِ ايريال جي رس ۾ کرل ڪري ماري ڪشتو ڪري کارائبو ته بواسير جي رت جي گهڻائي، حيض جي گهڻائي، ٻرهل، يرقان، گردن ۽ مثاني جي ڪم طاقتي، پيشاب جي گهڻائي، قوت باهه، منيءَ جي گهاٽي ڪرڻ لاءِ پيچش، رت جي دستن، رحم ۽ دماغ جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.