ڪٺمال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪٺمال ڳيچيء جي ھڪ زيور جو چانديءَ جو ٿئي، جيڪو دن کان ٿورو مٿي بيهندو آهي، ۽ ٻه _ ٻه سرون گڏ ٻنهي پاسن ٿين، جن ۾ نهايت خوبصورت گول داڻا ٿين. هر هڪ لڙيءَ ۾ ويھ _ ويھ داڻا هوندا آهن. انهن جي هيٺان هڪ دهلڙي ٿئي، جنهن جي هيٺئين حصي ۾ ٽڪنڊيون جهمٽيون، ۽ پاسن کان ٽي _ چار ننڍڙا گهنگهرو ٿين.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. رسالو: سرتيون؛ مضمون: سنڌي زيور؛ از: زيڊ.اي. شيخ؛ جون 1995ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو