مواد ڏانھن هلو

ڪُوڙن جا قسم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪُوڙن جا ڪيترائي قسم آهن. هڪڙن ڪُوڙن جا پَير هوندا ئي ڪونه آهن. انهن کي ننڍڙو ٻار به ٿڏي تي پڪڙي سگهندو. ٻيا ڪُوڙا اهڙا هوندا آهن، جن جون پاڙون ذري گهٽ ڄڻ ته پاتال ۾ هونديون آهن. اهي ڳوهه وانگر اڳواٽ ڪيتريون اونهيون ڏريون کوٽيو ويٺا هوندا آهن. کين ڊوڙائي ڊوڙائي جهلبو، ته ڪنهن هڪڙيءَ ڏر ۾ گهڙي ويندا. اها ڏر کوٽي، ڀانئبو ته پڪڙيا ته اوچتو لُوهه ڪري، ٻيءَ ڪنهن ڏر ۾ گهڙي ويندا! ٻيءَ مان ٽينءَ ۾، ٽينءَ مان چوٿينءَ ۾، چوٿينءَ مان وري پهرينءَ ۾.

اهڙن شرطي ڪُوڙن کي پڪڙڻ لاءِ به ڪافي ذهني ڊُڪ ڊوڙ ۽ علمي کوٽائي نه ڪبي ۽ کين سڀني ٻِرن مان ٿَڪائي ٻاهر نه ڪڍبو ته اهي وٺ ئي ڪونه ڏيندا. چوندا ته اسين سچا! ڏٺو! ڪو پڪڙياسين. [1] [2]

  1. سندي ذات هنجن (ادب جي پرک) (رسول بخش پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, archived from the original on 2017-09-12, retrieved 2016-08-27 {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (help)
  2. ڪتاب: سندي ذات هنجن