ڪيلگهائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عورتن جو ريشمي هيڊاسڪارف ٺاهڻ ۽ پائڻ جو روايتي فن ۽ ڪيلگهائي جي علامت

ڪيلگهائي اوڍيل آذربائيجامي ڇوڪرِي
ديس آذربائيجان
حوالو 669
ڏيھه يورپ
Inscription history
لکيل اکر 2014 (9th session)

ڪيلگهائي،يا ڪيلگهي، (انگريزي ٻولي: Kelaghayi) (آذربائيجاني: Kəlağayı) (لورش: Golvani/گُلوَنی) (Kurdish: hevrîşm/ھەوری‎) ملڪ جي الهندي حصي ۾ "چارگٽ" جي نالي سان پڻ مشهور آهي، آذربائيجاني عورتن جي مٿي جو رئو (چادر) آهي.[1][2] نومبر 2014 ۾ يونيسڪو جي روايتي فن ۽ علامت جي 9هين ڪائونسل سيشن تي، ان جي پيداوار ۽ پائڻ کي غير محسوس ثقافتي ورثو يونيسڪو جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو.[3] اهو هڪ چورس-شڪل جو ريشمي اسڪارف آهي جنهن تي خاص ڇپائي ٿيل آهي، جيڪا آذربائيجان ۾ قومي لباس سمجهي ويندي آهي. اهو سج جي تيز گرم اُس ۽ سرد واءُ کان بچائيندو آهي.

پس منظر[سنواريو]

Examples of Azerbaijani Kelaghayi shawls
آذربائيجان ڪاليگائي شال جا مثال

ڪيلاگهي ريشم جو ڌاڳو سان ٺهيل چار-ڪُنڊُن واري هڪ اوڍڻي (شال) آهي، ۽ ان کي آذربائيجان جون عورتون سَتُر (عصمت)، عزت ۽ عقيدت جي علامت طور پائينديون آهن. سنها ريشمي ڌاڳا آڏاڻو تي هڪٻئي سان گڏ اُڻيل هوندا آهن، ۽ پوءِ وري اُٻريل ۽ چوڪرن ۾ سُڪايا (خشڪ ڪيا) ويندا آهن. اهي سائو رنگ سان رڱيا ويندا آهن، ۽ ٺپو هڻڻ جا نمونا تيار ڪرڻ لاءِ ڪاريگر ڪاٺ جا بلاڪ ۽ تيل استعمال ڪندا آهن ريشم جا ڪپڙا پهريندڙ کي ريشم اونهاري جي مُند ۾ ٿڌو ۽ سيارو جي مُند ۾ ڪوسو (گرم) رکي ٿي. ڪيلاگھي ٺاهڻ جي عمل ۾ ٻه ڏينهن ۽ چار الڳ ڪاريگر: ڪوري (اُڻڻ وارو)، کهنباٽي (رنگريز، رنگساز)، سانچي ۾ وجهندڙ مولڊر (آرائش ڪندڙ)، ۽ سوڀيا وارو (آرائشي) ماسٽر گهربل هوندا آهن. روايتي طور، ان ۾ شامل سمورا ڪاريگر مرد هوندا آهن. ڪيليگھئي جي رنگن ۽ نمونن جي گهڻي ريت ونهانو شادي، منڱڻي، غمي مهل، ۽ روزاني جي عام زندگيءَ واقعن لاءِ معني ۽ اهميت آھي. ان جي پائڻ ۾ عمر ۽ سماجڪ اختلاف ملن ٿا: ڪُراڙيون ۽ ٻُڍڙيون عورتون گُهگھ رنگ، اڪثر ڪري ڪارو ۽ گهرو نيرو رنگ واري ڪيلاگهئي پائينديون آهن، جڏهن ته نوجوانڙيون مايون تِکو چلڪڻو رنگ، جهڙوڪ اڇو، بيج، تِکو نيرو رنگ وغيره پائينديون آهن. جيڪڏهن ڪا ناري ڪنهن مڙسالو (مرد) کي ڪيلگهئي ڏئي ٿي، ته اهو اِشارو سمجهيو ويندو ته ان ناريءَ ساڻس شادي جي رِٿ قبول ڪئي. ان کان پوءِ هوءَ ان همراه سان مڱڻي جي مينديءَ (هينا پارٽي) تي ڳاڙهي ڪيلگهيئي پائيندي آهي.

علائقي جي لحاظ سان، ڪيلگهيئي کي مختلف طريقن سان پائڻ مهل ٻَڌي سهگجي ٿو، ڪجهه هنڌن تي، گاج (يعني ڄاري جيڪا سنهو ريشمي ڪپڙي جي هجي ٿي) جي ٽُڪرن سان وارن کي گڏ ڪرڻ کان پوءِ هڪ ٽڪنڊي هيڊ اسڪارف مٿان ڪيلگھائي ٻَڌي ويندي آهي. جنهن جي نتيجي ۾، ههڪ ئي وقت ٽِي مٿي تي پاتل لباس (هيڊڊريسز) هوندا: پهريون، جوونا (گوج)، وري ڪيلگهئي ۽ آخر۾ هڪ ٽڪنڊو هيڊاسڪارف جنهن کي ساڪابا، سارنداز، يا زرباب جي نالي سان سڏيو وينو آهي.


درشن خانو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]