ڪوھياري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪوهياري __( Kohiyari):

ڪوهه لفظ جي معنيٰ آهي ”جبل“. ان مان ظاهر آهي ته هي جابلو ماڻهن جو رچيل آهي. هن سر ۾ پهاڙن جي پنڌ جو بيان ۽ ڏونگرن جي ڏاکڙن جو احوال ڏنل آهي. شاهه لطيف سر ڪوهياريءَ ۾ سسئيءَ جا سور بيان ڪيا آهن. لفظ ڪوهياريءَ جي معنيٰ آهي ڪوه واري يا جبل واري. هن سر ۾ سسئيءَ کي جيڪي تڪليفون ۽ ڏاکڙا جبل ۾ پيش آيا آهن تن جو ذڪر ڪيل آهي. هن سُر ۾ سسئي جو مثال وٺي شاهه سائين ننڊ تي ملامت ڪئي آهي ۽ عاشقن کي سجاڳيءَ لاءِ تاڪيد ڪيو آهي. [1].ڪوهياري : ڪوهياري نجو پجو سنڌ جو راڳ آهي. جيڪو سنڌ ۾ سنڌ جي سڀني راڳن کان وڻندڙ مڃيو وڃي ٿو. راڳدارن جي گرنٿن ۾ نه اهڙو نالو ملي، نه سرن جي بيهڪ. هي راڳ شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي زماني کان سنڌ ۾ رائج آهي. شاه جي رسالي جو هڪ سُر به انهي نالي سان ملي ٿو. ڪوهياري لفظ مرڪب آهي،ڪوهه+ياريءَ جو، پر ياريءَ جي پهرين ”ي بدل“ آهي. ”واڍو“ جو، ان ڪري انجي معنيٰ ٿي ”ڪوهه واري“ ”جبلن واري“ هن راڳ ۾ ايندي ۽ ويندي ست ئي سر لڳن ٿا، جنهن ڪري هن راڳ کي ”سمپورن“ چئجي ٿو هن راڳ جي آروهي ۽ امروهي هي آهي: آروهي : سا-ري-گا-ما-پا-ڌا-ني-سا، امروهي : سا-ني-ڌا-پا-ما-گا-ري-سا، هن راڳ ۾ ٻئي نکاد لڳن ٿا، آروهي ۾ تيور نکاد لڳي ٿو، ۽ امروهيءَ ۾ ڪومل نکاد، انهيءَ سبب جي ڪري، هي راڳ پنهنجي هم جنس راڳنکان جدا ٿيو بيهي. هن راڳ جي شڪل مٿين سرن ۾ سٺي ٺهي. ڪي هنراڳ جي وادي مڌم ۽ سموادي رکب رکن، پر ڪي وري وادي ”سا“ ۽ سموداي مڌم رکن. هن راڳ جي آلاپ به سٺي ٺهي، ته ڪافي به واه جو رنگ لايو ڇڏي، نه رڳو ايترو پر ”پاين“ ، ”مرلي“، ۽ ”ڪينري“ تي به هن راڳ جا سٺا لهرا نڪرن..[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page11.html.  Missing or empty |title= (مدد)}