ڪوپائي ڪٿا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪوپائي ڪٿا

انگريزي اصطلاح ساگا (saga) لفظ جو انهن ڪهاڻين سان ٿيندو هو، جن جو واسطو ٻيٽن (island) يا اتر قطب ۽ ناروي جي ملڪن سان ٿيندو هو. هينئر ان اصطلاح کي هر ان تاريخي ڪٿا لاءِ استعمال ڪبو آهي، جن ۾ بهادرن، سورمن ۽ انهن انسانن جو ذڪر هوندو آهي، جن انساني نسلي سفر ڪيو آهي. هن قسم جون ڪهاڻيون ڪنهن خاندان جي تاريخ تي مشتمل ۽ سلسلن جي صورت ۾ هونديون آهن. اهڙو هڪ ڪتاب انڊس ساگا (Indus Saga) يا سنڌوءَ جي طويل ڪهاڻي اعتزاز احسن انگريزيءَ ۾ لکيو آهي. ادب انقلابي، سنڌ جي تاريخ کي هن نئين انداز ۾ ”سنڌ جي ڪوپائي ڪٿا“ جي نالي سان لکيو آهي[1]..

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي