مواد ڏانھن هلو

ڪويٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪويٺ
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: ٻوٽو
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): روسڊس
ترتيب: سئپنڊيلز
خاندان: روٽيشياء
ذيلي خاندان: اورنٽئوئائڊياء
Tribe: سٽرياء
نسل: ليمنيا
ڪارل لينئي
جنس: ايل.ايسيڊسيما
حياتياتي نالو
لمونيا ايسيڊسيما
ڪارل لينئي
هم معنيٰ[1][2]
  • اسڪائنس لمونيا L.
  • فيرونيا ايليفينٽم ڪوريئا

ڪَويٺ (Limonia acidissima)، کي هندستاني ماڻهو کاٽ، ڪئيٿ يا ڪت بيل سڏيندا آهن، ڀارت ۾ هڪڙو عام جهنگلي وڻ آهي. ميوو گول ٿيندو اٿس ۽ رنگ ڦڪي سائي رنگ جهڙو ٿيندو اٿس. قد ۾ ڪرڪٽ راند جي بال جيڏو ٿيندو آهي. ڪويٺ کي انگريزيءَ ۾ وڊُ ايپل (يعني ڪاٺيءَ جو صوف) يا ايليفنٽ ايپل يعني (هاٿيءَ جو صوف) به چوندا آهن.[3] جڏهن سنس سخت کل ڀڃبي آهي، تڏهن اندران هڪڙيءَ ڀوريءَ نرم شيءِ سان ڀريل ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جا ڪساري ۽ کٽي مکڻ جي باس وانگي هوندي آهي.

اهو ميوو آڪٽوبر مهيني ۾ پچندو آهي. ان جي ڳر کي کنڊ ۾ ملائي ڪاڙهڻ سان هڪڙي تمام چڱي جيلي ٺهندي آهي، جيڪا بلڪل ڪاري ڊاک جي جيلي جهڙي ٿيندي آهي. وڻ ٻج مان توڙي قلمن مان ٿيندو آهي، جيڪا مينهن جي موسم ۾ هڻندا آهن. وڻ باغ ۾ رکڻ جي لائق ناهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "The Plant List: A Working List of All Plant Species". حاصل ڪيل 1 August 2015. 
  2. B. C. Stone, D. H. Nicolson (November 1978). "Arguments for Limonia acidissima L. (Rutaceae) and against Its Rejection as a nomen ambiguum". Taxon (Taxon) 27 (5/6): 551–552. doi:10.2307/1219924. 
  3. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو