ڪويٺ
ڏيک
| ڪويٺ | |
|---|---|
| سائنسي درجا بندي | |
| ڪنگڊم: | ٻوٽو |
| (unranked): | اينجيوسپرمس |
| (unranked): | ايوڊيڪاٽس |
| (unranked): | روسڊس |
| ترتيب: | سئپنڊيلز |
| خاندان: | روٽيشياء |
| ذيلي خاندان: | اورنٽئوئائڊياء |
| Tribe: | سٽرياء |
| نسل: | ليمنيا ڪارل لينئي |
| جنس: | ايل.ايسيڊسيما |
| حياتياتي نالو | |
| لمونيا ايسيڊسيما ڪارل لينئي | |
| هم معنيٰ[1][2] | |
| |
ڪَويٺ (Limonia acidissima)، کي هندستاني ماڻهو کاٽ، ڪئيٿ يا ڪت بيل سڏيندا آهن، ڀارت ۾ هڪڙو عام جهنگلي وڻ آهي. ميوو گول ٿيندو اٿس ۽ رنگ ڦڪي سائي رنگ جهڙو ٿيندو اٿس. قد ۾ ڪرڪٽ راند جي بال جيڏو ٿيندو آهي. ڪويٺ کي انگريزيءَ ۾ وڊُ ايپل (يعني ڪاٺيءَ جو صوف) يا ايليفنٽ ايپل يعني (هاٿيءَ جو صوف) به چوندا آهن.[3] جڏهن سنس سخت کل ڀڃبي آهي، تڏهن اندران هڪڙيءَ ڀوريءَ نرم شيءِ سان ڀريل ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جا ڪساري ۽ کٽي مکڻ جي باس وانگي هوندي آهي.
اهو ميوو آڪٽوبر مهيني ۾ پچندو آهي. ان جي ڳر کي کنڊ ۾ ملائي ڪاڙهڻ سان هڪڙي تمام چڱي جيلي ٺهندي آهي، جيڪا بلڪل ڪاري ڊاک جي جيلي جهڙي ٿيندي آهي. وڻ ٻج مان توڙي قلمن مان ٿيندو آهي، جيڪا مينهن جي موسم ۾ هڻندا آهن. وڻ باغ ۾ رکڻ جي لائق ناهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "The Plant List: A Working List of All Plant Species", حاصل ڪيل 1 August 2015۔
- ↑ B. C. Stone, D. H. Nicolson (November 1978). "Arguments for Limonia acidissima L. (Rutaceae) and against Its Rejection as a nomen ambiguum". Taxon (Taxon) 27 (5/6): 551–552. doi:.
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو