مواد ڏانھن هلو

ڪوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هاڻوڪي سنسڪرت ۾ ”ڪوي“ معنيٰ شاعر، تنهنڪري اڄ ڪلهه جيڪو به ماڻهو شعر چوي ٿو، سو ”ڪوي“ ڪوٺجي ٿو. سچ پچ ته شاعر اهو آهي، جنهن جو انڀو کليل آهي ۽ اندرين درشٽيءَ جو ورثو عطا ٿيل اٿس. قديم سنسڪرت واري زماني ۾ ”ڪوي“ اهو مها پرش سڏبو هو، جنهن کي جڏهن سرسوتي ٻڻولائيندي هئي يا الهام ٿيندو هو، تڏهن عجيب غريب ڳالهيون ۽ گيان جا گفتا بي اختيار سندس مک مان نڪرندا هئا، جن جو ٻڌندڙن تي جادوءَ جهڙو اثر ٿيندو هو. اهڙن ڪوين کي آڳاٽن آرين ”رشي“ سڏيو. رشين جي نالن اڳيان ”مهراج“ وغيره بدران ”ڪوي“ لفظ ڪم آڻيندا هئا. پارسين ۾ به اهو ئي دستور هو. اهي به پنهنجن پروهتن (ڪل جي براهمڻن يا پنڊتن) کي ”ڪوي“ ۽ ”ڪرپن“ ڪلپ ڪرائيندڙ يا سنڪلپ وٺائيندڙ سڏيندا هئا. زنداوستا جا گاٿا ڳاهون (Songs) انهن جا ئي چيل آهن. وڏي ڳالهه ته انهن ڪوين جا نالا ئي ساڳيا آهن. مثلاً ڪوي هسرو (Kavi Husrava) اهو ساڳيو نالو آهي جنهن جو اُچار ايرانين ڦيرائي ڪيو آهي ”ڪيخسرو“، ”ڪوي ڪواٽ“ بدران ايراني چون ”ڪيڪباد“؛ ڪوي اُش“ بدران ”ڪيڪائوس“ ۽ ”ڪوي وشتاسپ“ (Kavi Vishtaspa). تاريخ موجب قديم بختر (Bactria) جا حاڪم ”ڪياني“ بادشاهه سڏيا ويا آهن، جن کي انگريزيءَ ۾ لکيل تاريخن ۾ ”ايڪمينين“ (Achaemenian Kings) ڪوٺيو اٿن. حقيقتاً اهو انگريزي لفظ اصل ۾ ايراني لفظ ”هنمامنش“ (Achaemenians) آهي؛ ۽ ”ڪياني“ لفظ ”ڪوي“ مان ٺهيل آهي. ايران جا بادشاهه آڳاٽن ڪوين (رشين) جو اولاد آهن، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿن. ريتن رسمن وغيره جي هڪجهڙائي. اٿرون رشي ۽ انگيرس رشي آڳاٽن هندن کي اگني ۽ سوم جون پوڄائون ڪرائيندا هئا. زنداوستا ۾ به انهن ساڳين پوڄائن بلڪه انهن ساڳين رشين جا نالا آهن. هندن ۾ جيڪو رشي رگ ويد جا منتر اچاريندو هو، سو ”هوتر“ سڏيو هو. ”هوتر“ جو اچار سنڌيءَ ۾ آهي ”هوت“ جنهن مان ”هوتچند ۽ هوت پنهون“ نالا ٺهيا آهن. زنداوستا ۾ ”هوت“ جو اچار ”زئوت“ (Zaot) آهي ۽ معنيٰ اٿس پروهت يا پنڊت. جيئن هندن ۾ براهمڻ، کتري ۽ وئش آهن، تيئن پارسين ۾ اٿرون، رٿيشت (Rathaesthas) ۽ واشتر به فشيوشن (Vastrya Fshuyans) هئا – جا ڳالهه ڊاڪٽر مارٽن هاگ ڄاڻائي آهي. اڄ به جيئن براهمڻن کان سواءِ ٻين کي ڪريا ڪرم ڪرائڻ جو حق ڪونهي، تيئن پارسين ۽ موبيدن (پروهتن) کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به اهو حق ڪونهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4.  Missing or empty |title= (مدد)سانچو:"Dr. Martin haug: Essays on the Sacred Language, Writings and Religion of the Parsis, pp 289-90.}