ڪونگر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪونگر (ٻيا نالا: فارسي ۽ عربي: صنوبر، پنجابي: چيل چيڙ، سنسڪرت: سرلا، انگريزي: پائينس لانگي فوليا (Pinus Longifolia) هڪ سھڻو سيبتو ۽ اُتاهون وڻ آهي، جنھن جا پن ڌاڳي جئان ۽ گرانٺ برابر ڊگها ٿين ٿا. ڦر پستن جھڙو ڪري ٿو. هن جا پن ۽ ڇوڏا دوا ۾ ڪم اچن ٿا. رنگ ۾ سبز، ذائقي ۾ تلخ. افغانستان، ڪشمير، آسام وغيره جابلو علائقن ۾ ٿئي ٿو.


طب[سنواريو]

مزاج: گرم 3 خشڪ 2 آهي.

خاصيت: هي نڙيءَ جي سوڄ ۽ سور، ڦڦڙن جي ڦٽ وغيره لاءِ ڪاڙهي طور ڪتب اچي ٿو. نڪھير ۽ ٻئي وهندڙ رت کي بند ڪري ٿو. ماکي ۾ ملائي کائجي تہ جگر جي بيمارين کان بچاءُ رهي ٿو. سڪل ڇوڏا ۽ پن ڪٽي ڦڪائجن تہ دست بيهجي وڃن ٿا. هن جي دونهين سان پيٽ مان ٻار نڪري اچي ٿو ۽ حيض جاري ٿئي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.