ڪولوزيئم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪولوزيئم (Colosseum) روم ۾ ھڪ قديم عمارت آهي جيڪا راندين جي اکاڙي طور ڪم ايندي هئي. هن عمارت جي اڏاوت شھنشاھ ويسپاسين (Vespasian) سن 72ع ڌاري شروع ڪئي هئي، ۽ اٽڪل اٺ سال پوءِ سندس پٽ شھنشاھ ٽائيٽس (Titus) انهيءَ تعمير جي تڪميل ڪئي. هن عمارت ۾ قومي راندين جو لڳاتار هڪ سئو ڏينھن تائين هلندڙ جشن ملهايو ويو هو. هتي ٿيندڙ سموريون رانديون ويڙھ تي مشتمل هيون. جن مان ماڻهن جي هڪٻئي سان جنگي جوڌن جي صورت ۾ هٿياربند ويڙھ، ماڻهن جي مختلف جانورن سان بچاءُ واري يا شڪار ڪرڻ واري ويڙھ ۽ مختلف جانورن جي باهمي ويڙھ شامل هئي. هنن سمورين راندين ۾ وحشت ۽ دهشت وارو عنصر غالب هوندو هو. تنھن ڪري پنجين عيسوي صديءَ ۾ اهي رانديون غير قانوني ڄاڻائي بند ڪيون ويون ۽ هن عمارت ۾ ڪم آيل پٿر ٻين اڏاوتن ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. هن وقت عمارت جو اڳوڻو شان مان باقي ڪونہ رهيو آهي، ۽ فقط ڍانچو وڃي بچيو آهي. مگر سندس اهميت اڃا تائين برقرار آهي ڇو تہ سموري دنيا ۾ راندين جا اسٽيڊيم هن طرز تي ٺھيل آهن.[1]

ڪولوزيئم

حوالا[سنواريو]

  1. "4 - بندر مون ڏور ٿيا (عبدالحئي پليجو)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-05-12.