ڪوبرا
اصيل نانگ (Cobra) Temporal range: Miocene-Holocene | |
---|---|
ھندوستاني اصيل نانگ | |
سائنسي درجا بندي | |
ڪنگڊم: | جاندار |
تقسم: | ڪورڊيٽ |
درجو: | ريڙھيون پائيندڙ |
ترتيب: | اسڪئماٽا |
ذيلي ترتيب: | سانپا |
خاندان: | ايلاپڊاء (ڪجهه کانسواءِ) جوزيفس نڪولس لئورينٽي, 1768 |
اصيل نانگ (انگريزي: Cobra): جوڳين جي پنهنجي دنيا آهي. انهن موجب -اصيل- ڪارن نانگن جا ست قسم يا ڀائر آهن، هُو انهن جي -تشريح- يا درجيبندي ڪجهه هن ريت ڪن ٿا:
1- -تخت- نانگ: سڀني نانگن جو سرتاج آهي. هن نانگ جو رنگ سونهري، جسم شيشي جهڙو چمڪدار آهي، جنهن جي آرپار نظر پوي ٿي. سونهري لڪيرن سان خوبصورت ڦڻ هوندي اٿس. ڳچيءَ ۾ قدرتي ڳانو اٿس. جهنگ ۽ ويرانن ۾ چانڊوڪي رات جو -تخت- نانگ جي روايتي ڪچهري لڳندي آهي. -ان- کي بخت جو -بادشاهه- سمجهيو ويندو آهي (شايد هيءُ King Cobra ڏانهن اشارو آهي ڇاڪاڻ ته -ان- جو رنگ سونهري هوندو آهي).
2- پدم نانگ: 5 فٽ ڊگهو، ڪارو ناسي، وڏي ڦڻ ٿئيس ٿي جنهن تي علي سائينءَ جي دلدل جي کر جو نشان هوندو آهي. هي سنڌ ۾ عام آهي (هي Naja naja آهي). هڪ اڇو پدم هوندو آهي، جنهن جي مٿي تي مانڌاڻيءَ جهڙو نشان ٿئي ٿو. پدم نانگ جي پڇ ۾ زهريلو ڪنڊو هوندوآهي. هڪ ناسي پدم به هوندو آهي.
3- واسينگ نانگ: جنهن کي پڇ ۾ ڪنڊو ٿيندوآهي، هي ڊگهو ۽ ڪارو ٿئي ٿو.
3- شيش نانگ: جيڪو ويرانن يا کنڊرن ۾ خزاني تي ويٺل هوندو آهي.
4-ڪاريهر نانگ: جيڪو درويش نانگ آهي ۽ قاتل جو عڪس اکين ۾ وٺندو آهي (ڪاريهر Black Cobra/ Naja oxiana آهي، باقي ڳالهيون ڏند ڪٿائون آهن).
5- اِڇا اڌاري نانگ: جيڪو پنهنجي مرضيءَ سان انساني روپ وٺي سگهندو آهي، مٿي تي اڇو ٽِڪو ٿيندو اٿس. ڪارو ناسي ۽ گـهرو نيرو ٿيندو آهي (هي شايد Naja kaouthia آهي ۽ انساني روپ واري ڳالهه به ڏند ڪٿائي آهي).
6- ڪلها ڌاري: هي به ساڳئي -اصيل- نسل جو نانگ آهي.
7- گڊو نانگ: هن جو پيٽ سليٽي ٿيندو آهي. پدم جي نسل مان کريل؛ نانگ ۽ ڪوراڙ جي ميلاپ سان پيدا ٿيندو آهي، انهن مان تِليهر ۽ ڦَنيهر مشهور آهن (هي معلومات ڏيڻ واري جو اشارو غلط طور وئينس نانگ ڏانهن آهي، سائنسي حقيقت اها آهي ته نانگن ۽ بلائن جو غير جنس ۾ ميلاپ ٿيندو ئي ڪونه آهي، تِليهر Naja naja ئي آهي جنهن کي پدم به چون ٿا، ’ڦَنيهر‘معنيٰ ’ڦَڻ وارو‘ يعني، اهو به نانگ جو هڪ صفتي نالو آهي).[1]