ڪوئينتس ڪورتيس روفوس
ڏيک
| ڪوئينتس ڪورتيس روفوس | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | |
| ڪم جي ٻولي | |
| ترميم | |
ڪوئينتس ڪورتيس روفوس (انگريزي: Quintus Curtius Rufus)، شايد پھرين صدي ۾ آڳاٽي روم جو ھڪ مورخ ھو. سندس مکيہ ڪم جيڪو ھٿ آيو آھي، اھو سڪندر اعظم بابت تاريخون ڪتاب آھي. ھن جي ڪتاب جو گهڻو حصو غائب آھي، ڪتاب جي ڪور ۾ سندس نالي کان سواءِ ٻي ڪا بہ ڄاڻ ميسر ناھي. ڪجھ تاريخدانن جو خيال آھي تہ ڪوئينتس ڪنھن تاريخدان پاران استعمال ڪيل ٻيو نالو آھي، ۽ گهڻو وقت گذرڻ سبب معلوم ناھي ٿي سگهيو تہ سندس اصل نالو ڪھڙو ھو. ھن جي اصل سڃاڻپ بابت ڪيترائي متضاد نظريا موجود آھن، پر تاريخ دان ڪوئينتس کي الڳ شخصيت جي حيثيت ۾ ڏسن ٿا. ڪيترن ئي تاريخدانن جو خيال آھي تہ ڪوئينتس ڪورتيس روفوس اصل ۾ ڪورتيس روفوس ٿي سگهي ٿو.