مواد ڏانھن هلو

ڪوآرڊينيٽ سسٽم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جاميٽري ۾ بيهڪن جو نظام (coordinate system)، هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو هڪ يا وڌيڪ بيهڪن کي استعمال ڪندي ڪنھن نقطي يا ٻين جاميٽري عنصرن، جيئن اقليدسي جڳھ (Euclidean space) ۾، جي جڳھ کي هڪ منفرد طريقي سان متعين ڪري ٿو. بيهڪن جي ترتيب جي مکيه اهميت آهي ۽ انهن کي ڪڏهن ڪڏهن ترتيب واري ٽپل (ordered tuple) ۾ سندن جڳھ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اکر جيئن "X-ڪوآرڊينيٽ" (x-coordinate) ذريعي سڃاڻيو ويندو آهي.

رياضيات ۾ بيهڪن کي حقيقي انگ (real numbers) طور ورتو ويندو آهي، پر اهي پيچيده انگن (complex numbers) يا ڪنھن وڌيڪ تجريدي نظام، جهڙوڪ (commutative ring)، جا عنصر به ٿي سگهن ٿا. بيهڪن جي نظام جو استعمال جاميٽري جي مسئلن کي انگن واري مسئلن ۽ ان جي ابتڙ انگن کي جاميٽري جي مسئلن ۾ ڏيکاري سگهندا آهن، جيڪا تجزياتي جيوميٽري (analytic geometry) جي بنياد آهي.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Tensors

حوالا

[سنواريو]