ڪنشاسا
ڪنشاسا | |||
|---|---|---|---|
گاديء وارو شھر ء صوبو | |||
| Ville de Kinshasa | |||
| |||
| Nickname(s): Kin la belle (لفظي. 'Kin the beautiful') | |||
ڪانگو جی صوبن واری نقشی تی ڪنشاسا | |||
ڪنشاسا (Earth) | |||
| Coordinates: 04°19′19″S 15°18′43″E / 4.32194°S 15.31194°E | |||
| ملڪ | |||
| ٺهرايو | سال 1881ع (ليوپولڊ وايل جي طور) | ||
| سٽي هال | لا گومبي | ||
| ڪميون | List
| ||
| حڪومت | |||
| • طرز | صوبائي اسیمبلي | ||
| • باڊي | ڪنشاسا جي صوبائي اسيمبلي | ||
| • گورنر | جیٽیني اینگوبیلا ایمباڪا | ||
| • وائيس گورنر | نيرون ایمبونگو | ||
| ايراضي | |||
| • شھر۔صوبو | 9,965 چورس ڪلوميٽر (3,848 چورس ميل) | ||
| • شھري | 600 چورس ڪلوميٽر (230 چورس ميل) | ||
| آبادي (2021ع) | |||
| • ڪل | 17071000[3] | ||
| • ڪثافت | 14 في چورس ڪلوميٽر | ||
| • شهري | 16316000 | ||
| • شهري ڪثافت | auto | ||
| • ميٽرو | 17239463 | ||
| وقتي علائقو | UTC+1 (West Africa Time) | ||
| علائقائي ڪوڊ | 243 + 9 | ||
| License Plate Code | |||
| HDI (2019) | 0.577[5] medium1st | ||
ڪنشاسا (انگريزي: Kinshasa) جمهوري جمهوريه ڪانگو (اڳوڻي زائر) جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. هن شهر کي پهريون ڀيرو فرانسيسين طرفان یوپولڊوائل سڏيو ويو، جڏهن ته ڊچ ان کي لیوپولڊستاد سڏيو. هي شهر ڪانگو نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي. هڪ دفعي ڪانگو نديءَ جي ڪناري سان مڇي مارڻ ۽ واپاري ڳوٺن جو ماڳ، ڪنشاسا هاڻي دنيا جي تيز ترين وڌندڙ ميگا شهرين مان هڪ آهي. هڪ ڪروڙ سٺ لک (16 ملين) رهاڪن جي آبادي سان، هي ڪانگو، DR ۾ سڀ کان وڌيڪ گنجان آباد شهر ۽ آفريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي. اهو آفريڪا جو ٽيون نمبر وڏو ميٽروپوليٽن علائقو آهي ۽ ڪانگو، DR جو اهم معاشي، سياسي ۽ ثقافتي مرڪز آهي.[6][7][8][9]
ڪنشاسا ۾ ڪيتريون ئي صنعتون آهن، جن ۾ پيداوار،[10][11] ٽيليڪميونيڪيشن،[12] بينڪنگ ۽ تفريح شامل آهن.[13][14] شهر ڪانگو DR جي ڪجهه اهم ادارن جي عمارتن جي ميزباني پڻ ڪري ٿو، جهڙوڪ پيپلز محل، قومی محل، ڪورٽ آف ڪيسیشن، آئيني ڪورٽ، آفريقي يونين سٽي، ماربل پیلس، مارٽائرز اسٽيڊيم، گورنمينٽ بلڊنگ، ڪنشاسا، مالي مرڪز، ۽ ڪيترائي وفاقي شعبا ۽ ايجنسين جي عمارتن جي ميزباني پڻ ڪري ٿو.[15][16][17][18]
جاگرافيائي طور تي 9,965 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل، ڪنشاسا پول ماليبو جي ڏاکڻي ڪناري سان پکڙيل آهي، اهو، زمين سان گهٽ ۾ گهٽ 300 ميٽر سراسري اوچائي تي، هڪ وسيع هلال چنڊ (Crescent) ٺاهيندو آهي. ھي ويڪرائي ڦاڪ °4 ۽ °5 ڏکڻ ۽ ويڪرائي ڦاڪ °15 ۽ "32°16 اوڀر جي وچ ۾ واقع آهي، ڪنشاسا پنهنجون سرحدون مائي۔نڊومبي، ڪويلو ۽ ڪوانگو صوبن اوڀر سان شيئر ڪري ٿو. ڪانگو درياءَ ان جي الهندي ۽ اترين حدن کي بيان ڪري ٿو. اها ڪانگو جي جمهوريه سان هڪ قدرتي سرحد ٺاهيندو آهي. ڏکڻ ۾ ڪانگو مرڪزي صوبو آهي. نديءَ جي ڀر ۾ برازاويل آهي، جيڪو پاڙيسري جمهوريه ڪانگو جي ننڍي راڄڌاني آهي. هي ڪانگو درياءَ جي چئن ڪلوميٽرن جي طویل اڻ برج واري مفاصلي کان ڌار ٿيڻ جي باوجود، گاديءَ جي شهرن جو دنيا جو ٻيو ويجهو ترين جوڙو ٺاهي رهيو آهي.[19][20][21][22]
ڪنشاسا جمهوري جمهوريه ڪانگو جي 26 صوبن مان هڪ جي طور ڪم ڪري ٿو ۽ اهو انتظامي طور تي 24 ڪميونز ۾ ورهايل آهي، جيڪي اڳتي هلي 365 پاڙن ۾ ورهايل آهن.[23] هڪ وسيع انتظامي علائقي سان، صوبي جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين ڳوٺاڻن رهي ٿي، جڏهن ته شهري ترقي گهڻو ڪري ان جي الهندي پاسي ٿئي ٿي.[24] ڪنشاسا دنيا جو سڀ کان وڏو نامياري فرانڪوفون (فرانسيسي ڳالهائيندڙ) شهري علائقو آهي، جنهن ۾ فرانسيسي ٻولي حڪومت، تعليم، ميڊيا، عوامي خدمتن ۽ اعليٰ درجي جي واپار جي ٻولي آهي. هن شهر جا رهواسي ڪنوئس جي نالي سان مشهور آهن، انگريزي اصطلاح ۾ ڪِنشاسن لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.[6][25][26][27]
ڪنشاسا جی سائٽ تاريخي طور تي صدين تائين ٽیڪي (بنتو) طرفان آباد ڪيو ويو آهي ۽ اهو 18هين ۽ 19ھین صدي جی دوران هڪ تجارتي مرڪز ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ شاسا جي نالي سان مشهور هو.[21][28] هن شهر جو نالو ليوپولڊوِل هينري مورٽن اسٽينلي طرفان بيلجيم جي بادشاھہ ليوپولڊ II جي اعزاز ۾ رکيو ويو.[21][29][30] سال 1966ع ۾ مبوتو سيسي سيڪو جي مقامی نالن جی مهم، زائرینائيزيشن، دوران شاسا (Nshasa) ڳوٺ کي خراج تحسين پيش ڪندي نالو ڪنشاسا تبديل ڪيو ويو.[21]
نيشنل ميوزيم آف دي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو، ڊي آر جو سڀ کان نمايان ۽ مرڪزي عجائب گھر آهي، جنهن ۾ آرٽ، نوادرات، تاريخي شيون ۽ فن جي جديد ڪم جو مجموعو رکيل آهي. ڪاليج آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز ان اسٽريٽجي اينڊ ڊیفينس ڊي آر سي ۽ وچ آفريڪا ۾ اعليٰ ترين فوجي ادارو آهي. نيشنل تدريسي يونيورسٽي ڪانگو جي پهرين تدريسي يونيورسٽي آهي ۽ آفريڪا جي اعلي تدريسي يونيورسٽين مان هڪ آهي. انجیلي (N'Djili) انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪانگو ۾ سڀ کان وڏو ايئرپورٽ آهي ۽ مسافرن جي لحاظ کان، روزانو 12 بين الاقوامي پروازن سان، آفريڪا ۾ 37هين نمبر تي آهي.[31] ڊسمبر 2015 ۾، ڪنشاسا کي يونيسڪو پاران موسيقي جو شهر قرار ڏنو ويو ۽ ان وقت کان وٺي تخليقي شهرن جي نيٽ ورڪ جو ميمبر آهي.[32][33] اينسالي وادي پارڪ ڪنشاسا ۾ سڀ کان وڏو شهري پارڪ آهي، جنهن ۾ جانورن ۽ نباتات جي گهڻائي آهي.
سال 2016ع جي سالياني رينڪنگ موجب، ڪنشاسا، غير ملڪي ملازمن لاءِ، 200 عالمي جڳهن کان اڳتي، آفريڪا جو سڀ کان مهانگو شھر آھي.[34][35][36]
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "Kayembe2009". - ↑ "DemographiaWorld Urban Areas – 13th Annual Edition" (PDF). Demographia. April 2017. محفوظ ڪيل (PDF) مان اصل نسخي کان 3 May 2018 تي محفوظ ڪيل. 8 July 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Institut National De La Statistique. "Projections demographiques 2019–25 (in French)". اصل نسخو مان 2 July 2020 تي محفوظ ڪيل. September 23, 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "PopulationStat.com". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 21 March 2021 تي محفوظ ڪيل. 20 January 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 23 September 2018 تي محفوظ ڪيل. 2021-07-27 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Cécile B. Vigouroux & Salikoko S. Mufwene (2008). Globalization and Language Vitality: Perspectives from Africa, pp. 103 & 109. A&C Black. ISBN 9780826495150. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 5 October 2015 تي محفوظ ڪيل. 25 June 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Chignac, François (2023-07-06). "Conférence Risque Pays 2023 : le climat des affaires s'améliore en RDC". euronews (فرانسيسي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Rouaud, Pierre Olivier (July 25, 2022). "RD Congo: les fortes prévisions de croissance confortées par le FMI". Classe-export.com (French ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو) - ↑ Kaseso, Joel Machozi (2023-05-27). "Faux, le magazine Forbes n'a pas publié un classement du "Top 10 des meilleurs villes de la RDC en 2023"". Congocheck.net (فرانسيسي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 December 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Congo-Kinshasa: Les industries manufacturières affichent une bonne croissance". AllAfrica (French ۾). 13 September 2013. 2023-10-19 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو) - ↑ Syosyo, Crispin Malingumu (2015). "Analyse du marché des télécommunications mobiles en République Démocratique du Congo: Dynamique du marché et stratégies des acteurs". hal.science (French ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 20 December 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-10-19 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو) - ↑ Tuema, Jacques Kiambu Di (December 5, 2009). "Déréglementation des services de télécommunications en République Démocratique du Congo et inégale répartition des ressources" (French ۾). Revue d'Économie Régionale & Urbaine (2009/5): 975–994. doi:. https://www.cairn.info/revue-d-economie-regionale-et-urbaine-2009-5-page-975.htm. Retrieved 19 October 2023.
- ↑ "La culture et le divertissement au Congo". Actualite.cd (فرانسيسي ۾). 2021-05-27. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 13 December 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-10-19 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Luzonzo, Merseign (2016). "Les fondements de l'émergence économique de la République Démocratique du Congo: défis et perspectives" [The foundations of the economic emergence of the Democratic Republic of Congo: challenges and prospects] (French ۾). Kinshasa, Democratic Republic of the Congo: Université Catholique du Congo. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 1 September 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-09-01 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو) - ↑ "Actualité | Quelle est la nature juridique de l'autorité du ministre de la Justice sur le Parquet ?". www.mediacongo.net (French ۾). Kinshasa. 2020-07-06. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو) - ↑ "En RDC, le difficile accès à la justice pour les femmes victimes de viols". RFI (فرانسيسي ۾). 2020-11-25. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Rédaction, La (2019-01-28). "Félix Tshisekedi s'installe dans "une modeste" villa à la cité de l'UA". Politico.cd (فرانسيسي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Huband, Mark (2019-05-20). The Skull Beneath The Skin: Africa After The Cold War (انگريزي ۾). Oxfordshire, England, United Kingdom: Routledge. ص. 123. ISBN 978-0-429-96439-8. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 16 October 2023 تي محفوظ ڪيل. 19 September 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Buron, Thierry (2020-11-22). "Brazzaville et Kinshasa : proches, mais séparées". Conflits : Revue de Géopolitique (فرانسيسي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 15 December 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-12-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Academie, Jan Van Eyck (2006-06-12). Brakin: Brazzaville-Kinshasa : Visualizing the Visible (انگريزي ۾). Baden, Switzerland: Lars Müller Publishers. ISBN 978-3-03778-076-3. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 16 October 2023 تي محفوظ ڪيل. 30 August 2023 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named ":3". - ↑ Burke, Jason (2017-01-17). "Face-off over the Congo: the long rivalry between Kinshasa and Brazzaville". The Guardian (برطانوي انگريزي ۾). ISSN 0261-3077. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 18 July 2017 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-29 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Zimi, Gutu Kia (2021-01-10). Growing Trees in Urban Kinshasa: Shrub Vegetation in Residential Plots in Kinshasa (انگريزي ۾). Bloomington, Indiana, United States. ISBN 978-1-6655-1262-6. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 16 October 2023 تي محفوظ ڪيل. 19 September 2023 تي حاصل ڪيل.
{{cite book}}: CS1 maint: location missing publisher (ڳنڍڻو) - ↑ "Géographie de Kinshasa". Ville de Kinshasa. اصل نسخو مان 23 جُولاءِ 2012 تي محفوظ ڪيل. 25 جُونِ 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Magnan, Pierre (2017-06-02). "Kinshasa a dépassé Paris comme plus grande ville francophone du monde". Franceinfo (فرانسيسي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "This is the most French-speaking city in the world". En-vols.com (آمريڪي انگريزي ۾). 2022-10-10. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Cornall, Flo (2023-06-01). "Congolese artists wear costumes made of trash to shine a light on Kinshasa's pollution problem". CNN (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named ":5". - ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named ":4". - ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named ":6". - ↑ [Airport rankings: Africa https://gettocenter.com/airports/continent/africa آرڪائيو ڪيا ويا 16 October 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
- ↑ "Kinshasa: Ville Créative de la Musique" [Kinshasa: Creative City of Music] (PDF). en.unesco.org (French ۾). Paris, France. 2016–2019. ص. 3. محفوظ ڪيل (PDF) مان اصل نسخي کان 31 March 2023 تي محفوظ ڪيل. 2024-02-24 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو) - ↑ "Kinshasa: About the Creative City". En.unesco.org. 2015. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 11 May 2019 تي محفوظ ڪيل. 2023-12-27 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Velluet, Quentin (2018-10-31). "Offres d'emploi : les meilleures opportunités en Afrique – Jeune Afrique". JeuneAfrique.com (فرانسيسي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Karuri, Ken (2016-06-22). "Luanda, Kinshasa ranked among world's most expensive cities for expats". Africanews (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Hughes, Martin (2016-07-03). "Kinshasa Is Most Expensive City To Live For Expats". Money International (برطانوي انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 30 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-08-30 تي حاصل ڪيل.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Pages using multiple image with auto scaled images
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- CS1 فرانسيسي-language sources (fr)
- CS1 maint: unrecognized language
- CS1 برطانوي انگريزي-language sources (en-gb)
- CS1 maint: location missing publisher
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- وڏا شهر
- راڄڌانيون
- آفريڪا جا شهر
- آفريڪا ۾ راڄڌانيون
- جمهوري جمهوريا ڪانگو
- ٽٽل فائيل ڳنڍڻن وارا صفحا
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا