ڪنشاسا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪنشاسا
گاديء وارو شھر ء صوبو
Ville de Kinshasa
ڪنشاسا
جھنڊو
ڪنشاسا
مھر
عرفيت: Kin la belle
(سانچو:Literally)
ڪانگو جی صوبن واری نقشی تی ڪنشاسا
ڪانگو جی صوبن واری نقشی تی ڪنشاسا
ڪنشاسا is located in Democratic Republic of the Congo
ڪنشاسا
ڪنشاسا
ڪنشاسا is located in Africa
ڪنشاسا
ڪنشاسا
ڪنشاسا جمھوریہ جمھوری جی نقشی م
جاگرافي بيهڪ: 04°19′19″S 15°18′43″E / 4.32194°S 15.31194°E / -4.32194; 15.31194مڪانيت: 04°19′19″S 15°18′43″E / 4.32194°S 15.31194°E / -4.32194; 15.31194
ملڪ  عوامي جمهوريا ڪانگو
ٺهرايو سال 1881ع (ليوپولڊ وايل جي طور)
سٽي هال لا گومبي
ڪميون
حڪومت
 • قسم صوبائي اسیمبلي
 • مجلس ڪنشاسا جي صوبائي اسيمبلي
 • گورنر جیٽیني اینگوبیلا ایمباڪا
 • وائيس گورنر نيرون ایمبونگو
پکيڙ[2]
 • شھر۔صوبو 9,965 ڪ.م2 (3,848 ميل2)
 • شھري[3] 600 ڪ.م2 (200 ميل2)
بلندي 240 ميل (790 ft)
آبادي (2021ع)
 • شھر۔صوبو 17,071,000[1]

ڪنشاسا (انگريزي: Kinshasa) جمهوري جمهوريه ڪانگو (اڳوڻي زائر) جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. هن شهر کي پهريون ڀيرو فرانسيسين طرفان یوپولڊوائل سڏيو ويو، جڏهن ته ڊچ ان کي لیوپولڊستاد سڏيو. هي شهر ڪانگو نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي. هڪ دفعي ڪانگو نديءَ جي ڪناري سان مڇي مارڻ ۽ واپاري ڳوٺن جو ماڳ، ڪنشاسا هاڻي دنيا جي تيز ترين وڌندڙ ميگا شهرين مان هڪ آهي. هڪ ڪروڙ سٺ لک (16 ملين) رهاڪن جي آبادي سان، هي ڪانگو، DR ۾ سڀ کان وڌيڪ گنجان آباد شهر ۽ آفريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي. اهو آفريڪا جو ٽيون نمبر وڏو ميٽروپوليٽن علائقو آهي ۽ ڪانگو، DR جو اهم معاشي، سياسي ۽ ثقافتي مرڪز آهي.[6][7][8][9]

ڪنشاسا ۾ ڪيتريون ئي صنعتون آهن، جن ۾ پيداوار،[10][11] ٽيليڪميونيڪيشن،[12] بينڪنگ ۽ تفريح شامل آهن.[13][14] شهر ڪانگو DR جي ڪجهه اهم ادارن جي عمارتن جي ميزباني پڻ ڪري ٿو، جهڙوڪ پيپلز محل، قومی محل، ڪورٽ آف ڪيسیشن، آئيني ڪورٽ، آفريقي يونين سٽي، ماربل پیلس، مارٽائرز اسٽيڊيم، گورنمينٽ بلڊنگ، ڪنشاسا، مالي مرڪز، ۽ ڪيترائي وفاقي شعبا ۽ ايجنسين جي عمارتن جي ميزباني پڻ ڪري ٿو.[15][16][17][18]

جاگرافيائي طور تي 9,965 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل، ڪنشاسا پول ماليبو جي ڏاکڻي ڪناري سان پکڙيل آهي، اهو، زمين سان گهٽ ۾ گهٽ 300 ميٽر سراسري اوچائي تي، هڪ وسيع هلال چنڊ (Crescent) ٺاهيندو آهي. ھي ويڪرائي ڦاڪ °4 ۽ °5 ڏکڻ ۽ ويڪرائي ڦاڪ °15 ۽ "32°16 اوڀر جي وچ ۾ واقع آهي، ڪنشاسا پنهنجون سرحدون مائي۔نڊومبي، ڪويلو ۽ ڪوانگو صوبن اوڀر سان شيئر ڪري ٿو. ڪانگو درياءَ ان جي الهندي ۽ اترين حدن کي بيان ڪري ٿو. اها ڪانگو جي جمهوريه سان هڪ قدرتي سرحد ٺاهيندو آهي. ڏکڻ ۾ ڪانگو مرڪزي صوبو آهي. نديءَ جي ڀر ۾ برازاويل آهي، جيڪو پاڙيسري جمهوريه ڪانگو جي ننڍي راڄڌاني آهي. هي ڪانگو درياءَ جي چئن ڪلوميٽرن جي طویل اڻ برج واري مفاصلي کان ڌار ٿيڻ جي باوجود، گاديءَ جي شهرن جو دنيا جو ٻيو ويجهو ترين جوڙو ٺاهي رهيو آهي.[19][20][21][22]

ڪنشاسا جمهوري جمهوريه ڪانگو جي 26 صوبن مان هڪ جي طور ڪم ڪري ٿو ۽ اهو انتظامي طور تي 24 ڪميونز ۾ ورهايل آهي، جيڪي اڳتي هلي 365 پاڙن ۾ ورهايل آهن.[23] هڪ وسيع انتظامي علائقي سان، صوبي جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين ڳوٺاڻن رهي ٿي، جڏهن ته شهري ترقي گهڻو ڪري ان جي الهندي پاسي ٿئي ٿي.[24] ڪنشاسا دنيا جو سڀ کان وڏو نامياري فرانڪوفون (فرانسيسي ڳالهائيندڙ) شهري علائقو آهي، جنهن ۾ فرانسيسي ٻولي حڪومت، تعليم، ميڊيا، عوامي خدمتن ۽ اعليٰ درجي جي واپار جي ٻولي آهي. هن شهر جا رهواسي ڪنوئس جي نالي سان مشهور آهن، انگريزي اصطلاح ۾ ڪِنشاسن لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.[6][25][26][27]

ڪنشاسا جی سائٽ تاريخي طور تي صدين تائين ٽیڪي (بنتو) طرفان آباد ڪيو ويو آهي ۽ اهو 18هين ۽ 19ھین صدي جی دوران هڪ تجارتي مرڪز ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ شاسا جي نالي سان مشهور هو.[21][28] هن شهر جو نالو ليوپولڊوِل هينري مورٽن اسٽينلي طرفان بيلجيم جي بادشاھہ ليوپولڊ II جي اعزاز ۾ رکيو ويو.[21][29][30] سال 1966ع ۾ مبوتو سيسي سيڪو جي مقامی نالن جی مهم، زائرینائيزيشن، دوران شاسا (Nshasa) ڳوٺ کي خراج تحسين پيش ڪندي نالو ڪنشاسا تبديل ڪيو ويو.[21]

نيشنل ميوزيم آف دي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو، ڊي آر جو سڀ کان نمايان ۽ مرڪزي عجائب گھر آهي، جنهن ۾ آرٽ، نوادرات، تاريخي شيون ۽ فن جي جديد ڪم جو مجموعو رکيل آهي. ڪاليج آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز ان اسٽريٽجي اينڊ ڊیفينس ڊي آر سي ۽ وچ آفريڪا ۾ اعليٰ ترين فوجي ادارو آهي. نيشنل تدريسي يونيورسٽي ڪانگو جي پهرين تدريسي يونيورسٽي آهي ۽ آفريڪا جي اعلي تدريسي يونيورسٽين مان هڪ آهي. انجیلي (N'Djili) انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪانگو ۾ سڀ کان وڏو ايئرپورٽ آهي ۽ مسافرن جي لحاظ کان، روزانو 12 بين الاقوامي پروازن سان، آفريڪا ۾ 37هين نمبر تي آهي.[31] ڊسمبر 2015 ۾، ڪنشاسا کي يونيسڪو پاران موسيقي جو شهر قرار ڏنو ويو ۽ ان وقت کان وٺي تخليقي شهرن جي نيٽ ورڪ جو ميمبر آهي.[32][33] اينسالي وادي پارڪ ڪنشاسا ۾ سڀ کان وڏو شهري پارڪ آهي، جنهن ۾ جانورن ۽ نباتات جي گهڻائي آهي.

سال 2016ع جي سالياني رينڪنگ موجب، ڪنشاسا، غير ملڪي ملازمن لاءِ، 200 عالمي جڳهن کان اڳتي، آفريڪا جو سڀ کان مهانگو شھر آھي.[34][35][36]

حوالا[سنواريو]

  1. Institut National De La Statistique. "Projections demographiques 2019–25 (in French)". وقت 2 July 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل September 23, 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Kayembe2009
  3. "DemographiaWorld Urban Areas – 13th Annual Edition" (PDF). Demographia. وقت 3 May 2018 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 July 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "PopulationStat.com". وقت 21 March 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 January 2021.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. وقت 23 September 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2021-07-27.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. 6.0 6.1 Cécile B. Vigouroux & Salikoko S. Mufwene (2008). Globalization and Language Vitality: Perspectives from Africa, pp. 103 & 109. A&C Black. ISBN 9780826495150. https://books.google.com/books?id=Le_8WMk1Pr4C&q=french%20lingala%20kinshasa&pg=PA103. Retrieved 25 June 2012. 
  7. Chignac, François. "Conférence Risque Pays 2023 : le climat des affaires s'améliore en RDC". euronews (ٻولي ۾ French). وقت 30 August 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-08-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. Rouaud, Pierre Olivier (July 25, 2022). "RD Congo: les fortes prévisions de croissance confortées par le FMI" (French ۾). Classe-export.com. https://classe-export.com/index.php/pays/afrique/62036-rd-congo-les-fortes-previsions-de-croissance-confortees-par-le-fmi/. 
  9. Kaseso, Joel Machozi. "Faux, le magazine Forbes n'a pas publié un classement du "Top 10 des meilleurs villes de la RDC en 2023"". Congocheck.net (ٻولي ۾ French). وقت 30 December 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-08-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  10. "Congo-Kinshasa: Les industries manufacturières affichent une bonne croissance" (French ۾). AllAfrica. 13 September 2013. https://fr.allafrica.com/stories/201309131353.html. 
  11. Syosyo, Crispin Malingumu. "Analyse du marché des télécommunications mobiles en République Démocratique du Congo: Dynamique du marché et stratégies des acteurs". hal.science (ٻولي ۾ French). وقت 20 December 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-10-19.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  12. Tuema, Jacques Kiambu Di (December 5, 2009). "Déréglementation des services de télécommunications en République Démocratique du Congo et inégale répartition des ressources" (French ۾). Revue d'Économie Régionale & Urbaine (2009/5): 975–994. doi:10.3917/reru.095.0975. https://www.cairn.info/revue-d-economie-regionale-et-urbaine-2009-5-page-975.htm. Retrieved 19 October 2023. 
  13. "La culture et le divertissement au Congo". Actualite.cd (ٻولي ۾ French). وقت 13 December 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-10-19.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  14. Luzonzo, Merseign. "Les fondements de l'émergence économique de la République Démocratique du Congo: défis et perspectives" (ٻولي ۾ French). Kinshasa, Democratic Republic of the Congo: Université Catholique du Congo. وقت 1 September 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-09-01.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  15. "Actualité | Quelle est la nature juridique de l'autorité du ministre de la Justice sur le Parquet ?". www.mediacongo.net (ٻولي ۾ French). Kinshasa. وقت 30 August 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-08-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  16. "En RDC, le difficile accès à la justice pour les femmes victimes de viols". RFI (ٻولي ۾ French). وقت 30 August 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-08-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  17. Rédaction, La. "Félix Tshisekedi s'installe dans "une modeste" villa à la cité de l'UA". Politico.cd (ٻولي ۾ French). وقت 30 August 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-08-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  18. Huband, Mark (2019-05-20) (en ۾). The Skull Beneath The Skin: Africa After The Cold War. Oxfordshire, England, United Kingdom: Routledge. pp. 123. ISBN 978-0-429-96439-8. https://books.google.com/books?id=gf7EDwAAQBAJ&dq=palais+de+marbre+Mobutu&pg=PA123. Retrieved 19 September 2023. 
  19. Buron, Thierry. "Brazzaville et Kinshasa : proches, mais séparées". Conflits : Revue de Géopolitique (ٻولي ۾ French). وقت 15 December 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-12-15.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  20. Academie, Jan Van Eyck (2006-06-12) (en ۾). Brakin: Brazzaville-Kinshasa : Visualizing the Visible. Baden, Switzerland: Lars Müller Publishers. ISBN 978-3-03778-076-3. https://books.google.com/books?id=_zFUAAAAMAAJ. Retrieved 30 August 2023. 
  21. 21.0 21.1 21.2 21.3 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :3
  22. Burke, Jason (2017-01-17). "Face-off over the Congo: the long rivalry between Kinshasa and Brazzaville" (en-GB ۾). The Guardian. ISSN 0261-3077. https://www.theguardian.com/cities/2017/jan/17/congo-rivalry-kinshasa-brazzaville-river-drc. 
  23. Zimi, Gutu Kia (2021-01-10) (en ۾). Growing Trees in Urban Kinshasa: Shrub Vegetation in Residential Plots in Kinshasa. Bloomington, Indiana, United States. ISBN 978-1-6655-1262-6. https://books.google.com/books?id=3PMYEAAAQBAJ&dq=Ma+Campagne+Kinshasa&pg=PT55. Retrieved 19 September 2023. 
  24. "Géographie de Kinshasa". Ville de Kinshasa. وقت 23 July 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 June 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  25. Magnan, Pierre. "Kinshasa a dépassé Paris comme plus grande ville francophone du monde". Franceinfo (ٻولي ۾ French). وقت 30 August 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-08-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  26. "This is the most French-speaking city in the world". En-vols.com. وقت 30 August 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-08-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  27. Cornall, Flo. "Congolese artists wear costumes made of trash to shine a light on Kinshasa's pollution problem". CNN. وقت 30 August 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-08-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  28. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :5
  29. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :4
  30. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :6
  31. [Airport rankings: Africa https://gettocenter.com/airports/continent/africa آرڪائيو ڪيا ويا 16 October 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
  32. "Kinshasa: Ville Créative de la Musique" (PDF). en.unesco.org (ٻولي ۾ French). Paris, France. صفحو. 3. وقت 31 March 2023 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2024-02-24.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  33. "Kinshasa: About the Creative City". En.unesco.org. وقت 11 May 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-12-27.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  34. Velluet, Quentin. "Offres d'emploi : les meilleures opportunités en Afrique – Jeune Afrique". JeuneAfrique.com (ٻولي ۾ French). وقت 30 August 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-08-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  35. Karuri, Ken. "Luanda, Kinshasa ranked among world's most expensive cities for expats". Africanews. وقت 30 August 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-08-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  36. Hughes, Martin. "Kinshasa Is Most Expensive City To Live For Expats". Money International. وقت 30 August 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2023-08-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)