مواد ڏانھن هلو

ڪمپيو سرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪمپيو سرو
CompuServe
ڪمپني جو قسمورائيزن (Verizon) ڪمپني جي ھڪ ذيلي شاخ
صنعتانٽرنيٽ & مواصلات
قائم ٿيل1969؛ 56 سال اَڳُ (1969) (as ڪمپيو سرو نيٽورڪ، انڪارپوريشن.)
ختم ٿيل6 جُولاءِ 2009 Edit this on Wikidata
ھيڊڪوارٽرڪولمبس شھر، اوھيو رياست، يونائيٽيڊ اسٽيٽس
مصنوعاتآن لائن خدمت , آء ايس پي
ويب سائيٽcompuserve.com

ڪمپيو سرو(انگريزي: CompuServe ) جيڪا عام طور تي ڪمپيو سرو انفارميشن سروس يا سي آء ايس (CIS) جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، آمريڪا جي پھرين وڏي ڪمرشل آنلائن سروس پرووائيڊر ڪمپني آھي جيڪا 1980وارہ ڏھاڪي کان کان 1990 واري اڌ ڏھاڪي تائين ملڪ ۾ ڇانيل ھئي. ھي ڪمپني آن لائين چيٽ سسٽم، ميسيج سسٽم، ڪيترن ئي ڪمپيوٽر پليٽفارمن لاءِ سافٽويئر لائبريري ۽ کوڙ مشھور آن لائين راندين، جي آء ايف فائيل فارميٽ جي تعارف ۽ جي آء ايف فائيلن جي مٽاسٽا جي نظام جي ڪري مشھوري ماڻي. 1991 کان پرسنل ڪمپيوٽرن جي مارڪيٽ ۾ اي او ايل جي اچڻ تي ھن ڪمپني جي زوال جي شروعات ٿي. اي او ايل ھڪ ڪلاڪ جا $2.95 ڊالر وصول ڪندي ھئي جڏھن تہ ھي ڪمپني ڪلاڪ جا پنج ڊالر چارج ڪندي ھئي. اڳتي ھلي 1996 ۾ اي او ايل ڪمپني ڪلاڪ جي اڳاڙي جي سسٽم کي مھيني جي اڳاڙي ۾ تبديل ڪيو ۽ گرافيڪل يوزر انٽرفيس پڻ متعارف ڪرايو. 1997 ۾ ڪمپيو سرو جي بنيادي ڪمپني پنھنجي ھن شاخ کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اھڙي طرح اي او ايل ڪمپني جن ذيلي شاخ کي خريد ڪيو.


حوالا

[سنواريو]