ڪميونل ايوارڊ
ڪميونل ايوارڊ (Communal Award) برطانوي حڪومت پاران 16 آگسٽ 1932ع تي جاري ڪيو ويو. هن ايوارڊ جو مقصد برطانوي هندستان ۾ مختلف مذهبي ۽ سماجي گروهن (مسلمانن، هندن، سکن، دلت ۽ ٻين) لاءِ جداگانه چونڊن (Separate Electorates) ۽ صوبائي نوڪرين ۾ الڳ الڳ ڪوٽا مقرر ڪرڻ هو.
يو پي ۾ مسلمانن جي صورتحال
[سنواريو]ڪميونل ايوارڊ تحت گڏيل صوبن (United Provinces - UP) ۾ مسلمانن کي سندن آدمشماري جي تناسب کان وڌيڪ رعايتون ڏنيون ويون.
- يو پي ۾ مسلمانن جي آدمشماري رڳو 14 سيڪڙو هئي.
- پر کين نوڪرين ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا ڏني وئي.
- پوليس کاتي ۾ مسلمانن جي ڀرتي جو تناسب 50 سيڪڙو تائين پهچايو ويو.
سنڌ تي اثر ۽ نتيجا
[سنواريو]يو پي جي مسلمانن کي ڏنل ترجيحن جو منفي اثر سنڌ جهڙن مسلمان اڪثريتي علائقن تي پيو. سنڌ جي صورتحال ان وقت هيٺينءَ ريت هئي:
- آدمشماري: سنڌ ۾ مسلمان 75 سيڪڙو ۽ هندو 25 سيڪڙو هئا.
- ڪوٽا: ڪميونل ايوارڊ مطابق نوڪرين ۾ هندن جي ڪوٽا 40 سيڪڙو ۽ مسلمانن جي 60 سيڪڙو رکي وئي هئي.[1]
ان زماني ۾ تعليمي پسماندگي جي ڪري سنڌي مسلمان پنهنجي مقرر ڪيل 60 سيڪڙو ڪوٽا پوري نه ڪري سگهيا. نتيجي طور، سنڌي مسلمانن پنهنجي حصي جون نوڪريون پنجاب ۽ يو پي مان آيل مسلمانن کي ڏيڻ شروع ڪيون. ائين پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي سنڌ جي پوليس ۽ ٻين کاتن ۾ ٻاهرين علائقن جا آفيسر ڀرتي ٿيڻ لڳا.
سياسي گهرجون ۽ ورهاڱو
[سنواريو]يو پي جا مسلمان 14 سيڪڙو جي بدران 30 سيڪڙو ملندڙ ڪوٽا تي به سَرھا نه هئا. هنن آل انڊيا مسلم ليگ تي زور ڀريو ته اُها انگريزن کان گھُر ڪري ته مرڪزي نوڪرين ۽ وزارتن ۾ يا ته برابري (Parity) جو اصول مڃرائي يا وري ”ورھاڱي“ (Either parity or the Division of India).[1]