ڪميونل ايوارڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سن 1932ع ۾ هندستان ۾ ڪميونل ايوارڊ Communal Award آيو، هن ايوارڊ مطابق صوبائي نوڪرين ۾ هندن ۽ مسلمانن لاءِ الڳ الڳ ڪوٽا مقرر ٿيل هئي. يو پيءَ ۾ مسلمان رڳو 14 سيڪڙو هئا، انهن جي ڪوٽا 30 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي هئي ۽ پوليس، ۾ 50 سيڪڙو ڀرتي ڪيا ويا هئا. يو پيءَ جي مسلمانن کي انگريزن جيڪي ترجيحون ڏنيون هيون، ان جي قيمت وري مسلمان گھڻائي (اڪثريت) وارن علائقن يعني سنڌ جي مسلمانن کي ڏيڻي پئي. مثال طور سنڌ جي آدمشماري ۾ هندو 25 ۽ مسلمان 75 سيڪڙو هئا. پر Communal Award مطابق نوڪرين ۾ هندن جي ڪوٽا 40 سيڪڙو ۽ مسلمانن جي 60 سيڪڙو رکي وئي هئي، جيئن ته ان زماني ۾ سنڌي مسلمان پنهنجي 60 سيڪڙو ڪوٽا نه پئي پوري ڪري سگهيا، انهن وري پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي، پنجاب ۽ انڊيا مان يو پيءَ جي مسلمانن کي نوڪريون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ ائين پاڪستان ٺھن کان پھريائين ئي پنجاب ۽ يو پيءَ مان آيل آفيسرن شروع ۾ پوليس ۽ پوءِ ٻين کاتن ۾ ڀرتي ٿيڻ شروع ويا هئا.

يو پي جا مسلمان 14 سيڪڙو جي بدران 30 سيڪڙو ملندڙ ڪوٽا تي به سَرھا نه هئا ۽ هنن آل انڊيا مسلم ليگ تي زور ڀريو ته اُها انگريزن کان گھُر ڪري ته مرڪزي نوڪرين ۽ وزارتن ۾ يا ته برابري (Parity) جو اصول مڃرائي يا وري ”ورھاڱي“ (Either parity or the Division of India). [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌ ويزن، ليکڪ: علي مردان راھوجو