ڪرپشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
زيمبيا ۾ لڳل بلبورڊ تي ڪرپشن جي خلاف مھم ڏيکاريندڙ نعرو
زيمبيا ۾ لڳل بلبورڊ تي ڪرپشن جي خلاف مھم ڏيکاريندڙ نعرو


ڪرپشن: Corruption: بدعنواني:

ڪرپشن يا بدعنواني ھڪ سماجي برائي جو نالو آھي جيڪا ڪنھن معاشري، ملڪ، رياست، سياسي، انتظامي، حڪومتي، معاشي ۽ معاشرتي نظام کي ناڪام يا ناڪاره بڻائي تباھي ، بربادي ، تنزل يا پستي ڏي وٺي وڃي ٿي. ڪرپشن سري وانگر نظام جي ڪاٺ کي کوکلو ڪري ڪمزور ۽ ناس ڪري ڇڏيندي آهي .اھا سرڪاري توڻي غير سرڪاري ادارن ۾ ملندي آهي. ڪرپشن يا بدعنواني جو سبب ناجائز طريقي سان دولت شھرت طاقت يا اقتدار جي حاصلات آھي. ان جي نمونن ۾ غبن، فراڊ يا ڌوڪو، اختيار جو ناجائز استعمال يا فرض جي ادائگي کان انڪار يا پاسو ڪرڻ وغيره شامل آهن. ڪرپشن سماج اندر صحيح ۽ غلط ، بري ۽ ڀلي ، اھل ۽ نا اھل ، حق ۽ناحق، انصاف ۽ نا انصافي جي وچ ۾ تميز يا فرق کي ختم ڪري سماجي قدرن ۽ سماجي اخلاقيات کي ناس ڪري ٿي.

جيڪڏهن تاريخ جو مشاھدو ڪجي تہ خبر پوندي تہ قومن ، تھذيبن ۽ معاشرن جي تباهيءَ جو وڏو سبب بدعنواني يا ڪرپشن رھي آھي. اھا بي ايماني جو ھڪ وڏو قسم آھي ۽ ان جي محرڪن ۾ سڀ کان وڏو محرڪ لالچ آھي .اھو ھڪ اھڙو عارضي نفعو ڏيندڙ انفرادي عمل آھي جيڪو اجتماعي نقصان يا تباهي آڻي ٿو تنھن ڪري ھر معاشري ۾ اھو ڳڻتي وارو موضوع رھيو آھي جنھن ڪري ان کي روڪڻ لاءِ خاص قانون سازي ذريعي خاص ادارا جوڙيا ويندا آھن.

ڪرپشن جا قسم[سنواريو]

ڪرپشن جا قسم عام طور تي ان جي سائيز سان لاڳاپيل ھوندا آھن . ننڍي يا پيٽي ڪرپشن ۽ ٻي وڏي ڪرپشن .ننڍي ڪرپشن۾ سسٽمڪ ڪرپشن (systemic corruption) بہ شامل ڪري سگھجي ٿي . ننڍي پيماني واري ڪرپشن جو محرڪ ڪانہ ڪا سماجي يا معاشي مجبوري ھوندي آھي. گھٽ آمدني يا گھٽ پگھار ، فلاحي رياست جو فقدان، سماجي ناانصافي ۽ محروميون، حقن کان محرومي، ظالماڻو نظام وغيره آھن . ھن قسم جي ڪرپشن يا بدعنواني جي موجودگي انھن سببن جي موجودگي تي مدار رکندڙ آهي جيڪڏهن معاشي، سماجي، سياسي يا انتظامي تبديلي آڻي انھن سبب جو خاتمو ٿئي تہ ان قسم جي ننڍي سائيز واري ڪرپشن جو خاتمو يا ان جي نمايان ڪمي اچي ويندي. وڏي پيماني تي جيڪا ڪرپشن آھي ان جو محرڪ لالچ ، بي انتھا دولت جو حصول ء اقتدار يا طاقت جي حوس وغيره آهن. ان قسم جي ڪرپشن مجبوري نہ پر قانوني نتيجن جي خبر ھوندي ترجيحي آھي. اھڙي ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ قانون ذريعي روڪ ۽ سخت سزائون ملڪيتن جي ضبطگي وغيره جي ضرورت پوندي آهي جن جو تعين رياستي ادارن ذريعي ٿيندو آهي. يورو جا نوٽ آستين ۾ ڏيکاريل.