ڪروٽرام
صنعت | ٽرام |
---|---|
صدر دفتر | زغرب, ڪروئيشيا |
صنعتي پيداوار | TMK 2100, TMK 2200, TMK 2300 |
ڪروٽريم(انگريزي: Crotram) ٻن ڪروئيشيائي ڪمپنين جي انجمن(انگريزي: consortium) جو نالو آهي جن ملڪ ۾ پھريون ڀيرو ھيٺاھين فرش واريون ٽرام ٺاھڻ شروع ڪيون جن ۾ ٽي ايم ڪي 2100 ۽ ٽي ايم ڪي 2200 شامل آهن.ان انجمن جي ڪمپنين جا نالا: ڪونچر گروپ(انگريزي: Končar Group) ۽ TŽV گريڊيلج d.o.o. آھن جن جو تعلق زغرب شھر سان آھي. انجمن ۾ ٻئي ڪمپنيون ساڳي حيثيت رکن ٿيون تنھن ھوندي بہ ٽرام جي پيداوار ۾ گريڊيلج جو حصو رڳو 13 سيڪڙو آھي. ھي ڪمپني رڳو ٽرام جو ڍانچو ٺاھيندي آهي. ڪونچر ٽرام لاء عام منصوبا، بجلي ، بجلي تي ھلندڙ سامان ۽ آخري سڀ شيون ڳنڍي ٽرام تيار ڪرڻ جو ڪم ڪندڙ آھي. شروع ۾ ڊورو ڊيڪووڪ فيڪٽري بہ انجمن جو حصو ھئي پر پوء ان کي منصوبي جي آغاز بعد ڇڏي ڏنائون ۽ ھائڊرالڪس ۽ بوگي ٺاھڻ واري ڪم جي واڌاري ۽ پيداوار جرمن ڪمپنن ھرھڪSAMES Hydro-Systemtechnik GmbH & Co. KG ۽ ھينسچل اينڊ سنز ڏي منتقل ڪري ڇڏيائون.[1].[2]
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Sames
- ↑ "Archived copy" (PDF). وقت 2008-04-10 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-10-02.