ڪرنگ
ڪرنگ (نالا: عـ. ثمام، فـ. ثما سرخ، ھـ. وغيرہ ڪاث ۽ آت هڙ) اَن جو قسم آهي، جو ڳاڙهي رنگ تي ننڍا داڻا ٿيندا آهن، ذائقي ۾ ڦڪو ٿئي ٿو.
طب[سنواريو]
هن جي ماني پچائي کارائجي تہ سيني ۽ جگر جي سور کي فائدو ڪندي. گهاٽي بلغم ۽ ڪچين رطوبتن کي پچائي ٻاهر ڪڍندي. معدي ۽ آنڊن کي تقويت ڏئي ٿي. معدي جي ڪيڙن کي ماري ٻاهر ڪڍي ٿي. هن جي لپري سور ۽ سوڄن لاءِ مفيد آهي.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: ۲۰۰۷ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ.