ڪردارن جا قسم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪردارن جا قسم

(1) گهڻ رخا ڪردار (Multi-dimensional Character): گھڻ رخا ڪردار اھي ھوندا اھن، جن جي زندگيءَ جا سڀئي پاسا اسان جي سامھون اچن ۽ انھن ڪردارن جي مڪمل اسان کي ڄاڻ ملي. گھڻ رخا ڪردارن پيش ڪندي، ھڪ ليکڪ کي گھڻي محنت ڪرڻ پوندي اھي. اڪثر ڪري ناولن جا ھيرو گھڻ رخا ڪردار ھوندا اھن. (2) هڪ رخا ڪردار (Dimensional Characters): ھڪ رخا ڪردار اھي اھن، جن جي اسان کي صرف ھڪ طرفي ڄاڻ ملي ٿي ۽ انھن جي زندگيءَ جا ٻيا پاسا اسان کان اوجھل ھوندا اھن. ھن قسم جي ڪردارن ۾ اڪثر بدمعاش، لوفر وغيره اچي وڃن ٿا. .[1].

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي