ڪراچي جا مختلف نالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مورخن پنهنجن سفرنامن ۾ مختلف دورن ۾ ڪراچي (Karachi) کي مختلف نالن سان منسوب ڪيو آهي. جن ۾ ڪروڪالا، مورنٽوبارا، دڙٻو، سڪندري جنت، خوارالديبل، ڪڪرالو، ڪروڪل، ڪروڪالي، ڪائومارا، ڪوره، ڪراشر، ڪراسٽي، ڪلاچو، ڪورنجي، ڪراچر، کوراچي، گهراچر، کراچرداراجا، ڪوراچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شامل آهن. اصل ۾ انهن مان گهڻا نالا ڪراچي جي مختلف حصن جا به آهن جيئن جڏهن ڀوڄو مل هتي آيو هو ته علائقي جو نالو دڙٻو هو بندر جو نالو به دڙٻو هو. ۽ جتي ڀوڄو مل پڙاءُ ڪيو هتي هڪ ڪن هو جنهن کي ”ڪلاچي جو ڪن“ ڪري چوندا هئا ۽ پوءِ اڳتي هلي ڪلاچي جي ڪن ڪري هن پوري علائقي جو نالو ڪلاچي پيو ۽ پوءِ اهو سفر اُچار جي صحيح ادائيگي نه هئڻ ڪري ڪراچي ٿيو. [1] [2]

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  2. ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، ليکڪ گل حسن ڪلمتي