مواد ڏانھن هلو

ڪرائينم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪرائينم
ڪرائنم اسائيٽڪم
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ڪرائنم
قسم جنس
ڪرائنم آمريڪنم
ل.
جنسون

لڳ ڀڳ 180 جنسون

ڪرائينم هڪڙو ڳنڍين وارو گل جو ٻوٽو آهي، يعني جنهن جي پاڙ ۾ بصر وانگي ڳنڍ ٿئي ٿي. هن جا ٽيهارو کن قسم آهن. هن جا گل وڏا ٿا ٿين. هن جي هڪڙي قسم کي هندستاني ماڻهو سُک درسن سڏيندا اهن. ڪرائينم انگريزي ڪتابي نالو اٿس. سُک درسن جا پن سنها ٿا ٿين، هڪڙي کان وٺي ٽن فوٽن تائين ڊگها ٿا ٿين. گل اڇا ٿا ٿينس جي خوشبوءِ وارا ٿا ٿين، خاص ڪري رات جي وقت. ٻيو هڪڙو هن جو قسم آهي، جنهن کي دکن ۾ ناگدان سڏيندا آهن. ٽيو به هڪڙو انهيءَ ڳنڍين واريءَ ذات جو آهي، جنهن کي جهنگلي انناس چوندا آهن.[1]

ڪرائنم جو ھڪ قسم حيدرآباد دکن ۾

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو