ڪجل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪجل:

نالا: ع. ڪجل، ف. دود، هه. وغيره___ ڪاجل ۽ دودجل.ڪڙو ۽ مٺو تيل ڏئي ۽ ٻاري ڦلو حاصل ڪري اُن مان ٺاهبو آهي.[1] وچولي جون ڪي زالون ڪجل پائڻ کان اڳ جَوَ اک ۾ گهمائينديون آهن، پوءِ ڪجل پائينديون آهن ته اک ڳاڙهي ۽ سهڻي لڳي! ڪجل به گهڻو ڪري پاڻ ٺاهين. چونديون آهن ته ڏياريءَ جي رات وارو ڪجل سٺو ٿيندو آهي. ڏياريءَ جي رات ڇا ڪنديون جو ڪوري ڏيئي ۾ ڳائو گيهه وجهي، ان کي ٻارينديون. ان جي مٿان ڪورو ڍڪڻ ڪجهه ويڇيٽو ڪري رکنديون، ته ڏيئي جي ڪارنهن اچي ڍڪڻ ۾ گڏ ٿيندي. پوءِ اها لاهي ان مان ڪجل جون ڪانبون ٺاهي باڪسن ۾ وجهي رکنديون آهن، ۽ پيون ڏينهن وار تي پائينديون[2]

طب[سنواريو]

خاصيت: اک جي نظر تيز ڪري، ڌنڌ، ڦلي ۽ اک مان گهڻي پاڻيءَ جي اچڻ کي ڇڏائي ٿو. پرميل، مثاني جي ڦٽ ۽ کل جي ڦٽن ۽ ڦرڙين تي مرهم وانگر ڪم آڻبو ته فائدو ٿيندو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}