مواد ڏانھن هلو

ڪبوتربازي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪبوتربازي (Pigeon Racing/Acrobatics) سنڌ جي هڪ قديمي راند يا شغل آهي. پراڻي وقت ۾ ڪبوتربازيءَ جو رواج گهڻو ڪري مٿئين طبقي يا امير ماڻهن ۾ هوندو هو. هن راند ۾ نہ صرف ڪبوترن جي اڏام پر سندن قلابازين (Acrobatics) کي به پرکيو ويندو هو.

سيکارڻ جو طريقو

[سنواريو]

بازيگر سڀ کان پهرين هڪ چڱي نسل جو ڪبوتر چونڊيندا هئا. ان کان پوءِ ان کي خاص تربيت ڏني ويندي هئي ته جيئن هٿ مان ڇڏڻ شرط اهو تيزي سان قلابازيون ڏئي سگهي.

شرط ۽ مقابلو

[سنواريو]

مقابلي دوران شرطن جو فيصلو اڪثر ڪري قلابازين جي تعداد تي ٿيندو هو:

  • قلابازيون: شرط کٽڻ لاءِ ڪبوتر کي گهٽ ۾ گهٽ ست يا ان کان وڌيڪ قلابازيون ڏيڻيون پونديون هيون.
  • هار جيت: جيڪڏهن ڪبوتر ستن کان گهٽ قلابازيون ڏيندو هو ته هو بازي هاري ويندو هو.
  • ويڙهه: قلابازين کان علاوه ڪبوترن جي پاڻ ۾ ويڙهه تي پڻ شرطون رکيون وينديون هيون.

قيمت ۽ اهميت

[سنواريو]

انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ سٺي نسل جي ڪبوتر جي وڏي اهميت هئي.

  • هڪ سٺي ۽ تربيت يافتہ ڪبوتر جي قيمت ڪڏهن ڪڏهن سئو رپين تائين پھچي ويندي هئي (جيڪا ان زماني ۾ هڪ وڏي رقم هئي).
  • هڪ عام موچاري جوڙي جي قيمت لڳ ڀڳ ويھ رپيا هوندي هئي.[1]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛ مصنف: حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن: پھريون 2003ع؛ ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ