ڪبابو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪبابو: نالا: عربي - فاغره، اردو - ڪبابه خندان، فارسي - ڪبابه شگفته، ڪاغاني - نمبر. سڃاڻپ: هي ڪباب چينيءَ کان ٿورو وڏو ٻج آهي، هن جو منهن کليل ٿئي ٿو. خوشبوءِ وغيره ساڳي رکندڙ آهن.

طب[سنواريو]

ذائقي ۾ تکا ۽ لڳندڙ ٿين ٿا. مزاج: گرم خشڪ ٻئي درجي ۾. خاصيت: هي هڪ نهايت خوشبودار دوا آهي. هن جو سنگهڻ ۽ کائڻ دل ۽ دماغ کي طاقت رسائي ٿو. سرد معدي ۽ جگر جي تقويت، هاضمي، ريح جي خراب ۽ اهڙين ٻين معدي ۽ جگر جي تڪليفن لاءِ ڪارآمد آهي. قابض هئڻ سبب دستن کي بند ڪندڙ تاثير رکي ٿو. سرد بيمارين جهڙوڪ لڪنت، ٻاتاڻ (Stammering) ۽ استرخاءِ (شل ٿيڻ Paralysis) ۾ مستعمل آهي. خون جي صفائي ۽ وات جي بدبوءِ هٽائڻ لاءِ بهترين شئي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو