ڪاھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪاهو:

نالا: ع. خس، ف. ڪاهو، هه. وغيره___ ڪاهو.

سڃاڻپ: ڪاسنيءَ جي وڻ جيڏو ننڍو ٿئي ٿو.


طب[سنواريو]

خاصيت: هن جا تازا پن گهوٽي پيارڻ سان صفرا ۽ رت جو جوش گهٽ ٿيندو، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو، دماغ کي تقويت ڏئي ٿو، ماليخوليا ۽ مرگهيءَ کي دفع ڪري ٿو، ننڊ آڻي ٿو، شراب جو نشو لاهي ٿو. هن جو ٻج سنهڙو ڀوري رنگ تي ٿيندو آهي، انهيءَ کي گهوٽي ڇاڻي پيارجي ته جگر جي گرمي ۽ اُڃ کي گهٽائيندو. پيشاب جاري ڪندو، مثاني ۽ گڙدي جي پٿري ۽ رائي کي ٻاهر ڪڍندو. گرم تپن، يرقان، ٻرهل ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو