مواد ڏانھن هلو

ڪايزن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جاپانين ۾ هڪ عام فلسفو آهي، جيڪو زندگي جي هر شعبي ۾ جٽاءُ دار محنت ۽ ذميواري کي اپنائڻ تي زور ڏئي ٿو. جنھن کي "ڪايزن" (改善) جو فلسفو چيو وڃي ٿو، جيڪو لاڳيتو چڱائي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو تصور آهي. "ڪايزن" رڳو ڪاروبار ۾ ئي نه، پر فرد جي ذاتی زندگي، صحت ۽ صحتمند گذارڻ لاءِ به لاڳو ٿئي ٿو، جتي هر شخص پنهنجي صحت، مهارتن، ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.