ڪانگو وائرس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪانگو وائرس (Congo virus) ڪا نئين بيماري ڪونهي، پاڪستان اندر 2002ع ۾ ڪانگو وائرس جي ڪري ست ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 2002ع ۾ جهڙي ريت ان بيماريءَ مشهوري ماڻي، ان سان عام شهرین سمیت ڊاڪٽرن ۽ نرسن ۾ بہ ڊپ ۽ هراس پکڙجي ويو هو۔ان وقت هن وچڙندڙ مرض سان گهٽ ۾ گهٽ 7 ماڻهو مري ويا هئا جن ۾ هڪ نوجوان لیڊي ڈاکٹر ۽ 4 معصوم ٻار بہ شامل هئا.

2016ع دوران بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جا 56 ڪیس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 12 عورتون بہ شامل هيون. ان خطرناڪ وائرس سان 13 مریض فوت ٿي ويا. هيءَ سڄي دنیا ۾ تیزيءَ سان پکڙجندڙ بيماري آهي۔

سڀ کان پهرين تہ اسان کي هن بیماريءَ جي باري۾ ڄاڻ هئڻ کپي تہ جيئن ان جي سببن کي سمجهندي احتیاطي تدبیرون اختيار ڪري سگھجن ۽ ان کان بچڻ جي ٿيڻ جوڳيون (هر ممڪن) ڪوششون ڪري سگھجن. ڪانگو وائرس جو سائنسي نالو ”ڪريمين هيمريجڪ ڪانگو فيور“ آهي جنهن جا 4 قسم ٿين ٿا۔ جيڪڏهن ڪنهن کي کانگو وائرس لڳي وڃي تہ ان سان انفیڪشن کان پوءِ جسم مان رت وهڻ شروع ٿي وڃي ٿو۔ رت وهڻ سبب مریض جو موت ٿي سگهي ٿو۔

هي وائرس گھڻو ڪري اتر افریقا ۽ ڏکڻ امریڪا، اوڀر یورپ‘ ایشاء ۽ وچ اوڀر وارن ملڪن ۾ ملي ٿو۔ انهيءَ ڪري ان مرض کان متاثر مریض جي خبر سب کان پهرين 1944ع ڌاري ڪریمیا ۾ سامهون آئي هئي، تنهن ڪري ان جو نالو ڪریمین ہیمرج رکيو ويو.

صحت جي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تہ ڪانگو وائرس جا ٽڪس Tick (ڄَووا) مختلف جانورن جهڙوڪ: رڍ، ٻڪري، ڳئون، مينهن ۽ اُٺ جي کَلَ تي ملن ٿا، جيڪي جانورن جي کل تي چمبڙي ان جو رت چوسيندا ٿا رهن ۽ اِهي ئي ان بیماريءَ کي پکيڙڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪن ٿا۔ اهي ڄووا جيڪڏهن انسان کي چڪ پائين یا ڄووي کان متاثر جانور کي ذبح ڪندي بي احتیاطيءَ سبب قاصائيءَ جو هٿ وڍجي پوي تہ هي وائرس ان جي رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪانگو وائرس جانور مان انسانن ۾ هڪ انسان کان ٻئي جانور ۾ منتقل ٿئي ٿو ۽ متاثر ٿيل ماڻهو هڪ هفتي اندر پنهنجي جان وڃائي وجهي ٿو.

ڪانگو وائرس جا قسم[سنواريو]

1 ۔ ڊینگي وائرس (Dengue)

2 ۔ ایبولا وائرس (Ebola)

3 ۔ لیسا وائرس (LASSA)

4 ۔ ریفٽي ویلي وائرس (RiftVally)

مریض جون علامتون[سنواريو]

ڪانگو وائرس جو مریض تیز بخار ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو۔ان کي مٿي ۾ سور، دل ڪچي، الٽي، بُک ۾ ڪمي، ٿڪاوٽ، ڪمزوري ۽ غنودگی، وات ۾ ڇالا اکين تي سوڄ ٿئي ٿي۔ تیز بخار سبب جسم ۾ وائٽ سیلس انگ (تعداد) گهٽجي وڃڻ ڪري رت ڄمڻ جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي، جنهن ڪري مریض جي جسم مان رت نڪرڻ لڳي ٿو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ مريض جا ڦڦڙ متاثر ٿي وڃن ٿا، جڏهن تہ جگر ۽ بُڪيون بہ ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿا ڏين ٿا، اهڙي طرح مریض جو موت ٿي وڃي ٿو.

لیبارٽري ٽیسٽ[سنواريو]

ڪانگو جي ٽیسٽ ڪنهن سٺي بائیوسیفٽي لیب ۾ ئي ٿي سگهن ٿ۔ ان مرض لاءِ تجویز ڪيل مختلف ٽیسٽون هن ريت آهن.

1-147ELISA148 or 147EIA148 methods

2-antigen detection;

3- serum neutralization;

4-RT-PCR

5-virus isolation by cell culture


ڪانگو کان بچاؤ لاءِ احتیاطي تدبیرون[سنواريو]

ڪانگو کان بچاءُ ۽ ان تي قابو پائڻ ٿورو ڏکيو آهي ڇو تہ جانورن ۾ ان جون علامتون بظاهر نظر نٿيون اچن پر ان ۾ ڄوون ۽ چچڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪیمیائی دوا جو اسپري ڪيو وڃي.

وائرس کان متاثر مریض سان هٿ نہ ملائجي۔

مریض جي سار سنڀال ڪرڻ وقت هٿن تي دستانا ضرور پائجن۔

مریض جي عیادت کان پوءِ هٿ چڱي طرح ڌوئجن۔

ڊگهي ٻاهين واري قمیض پهرجي۔

جانورن جي پڙيءَ (منڊيءَ) ۾ ٻارن کي تفریح ڪرائڻ واري مقصد سان نه وٺي وڃو.

ڪپڙن ۽ چمڙي تي ڄوون کان بچاؤ جو لوشن لڳائڻ ڳهرجي۔

جانورن جي خریداريءَ لاءِ فل ٻانهن وارا ڪپڙا پائي وڃو. [1] [[1]]

حوالا[سنواريو]

  1. ڊاڪٽر: رقيه بنت لياقت علي بخاري