ڪانگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڪانءُ يا ڪانگ[سنواريو]

House crow
House-Crow444.jpg
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Corvus
جنس: Template:Taxonomy/CorvusC. splendens
حياتياتي نالو
Corvus splendens
Vieillot, 1817
Corvus splendens map.jpg

انگريزي ۾ ڪانگ يا ڪانءُ کي Crow آهي. هن هڪ حساس پکي آهي. اڏامندڙ پکين ۾ ماحول کي سمجهڻ ۽ اڳواٽ خطرن کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت وڌيڪ ٿئي ٿي، ڇو جو انهن کي زمين تي رهندي يا فضا ۾ اڏامندي پنهنجي دفاعي حواسن کي وڌيڪ سرگرم رکڻو پوي ٿو. انهي لاءِ وڌيڪ حساس رهڻ ڪري اهي آسپاس جي ماحول کي وڌيڪ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت به رکندا آهن. ڪانءُ جيئن ته وڌيڪ حساس ۽ ذهين پکي آهي، ان ڪري چوماسي جي مند ۾ جيڪڏهن برسات جو مانڊاڻ گهٽ ٺهيو، يا فضا ۾ آبي بخارن جي گهٽ موجود هئڻ کي محسوس ڪندي آهي پنهنجي جنسي هارمون جي گهٽ حرڪت ۾ اچڻ ڪري به پريشان رهندا آهن. انهي حالت ۾سندن وڌيڪ نسل پيدا ڪرڻ جا احساس متاثر ٿيندا آهن. انهي ڪري سندن حرڪتون به عام حالتن جي ابتڙ ٿي وينديون آهن، جنهن ڪري اهي رات جو به ٻولڻ شروع ڪندا آهن. جنهن کي ٻڌي ٿر جي ماڻهن کي برساتن نه وسڻ جو اندازو ٿي ويندو آهي. تنهنڪري ڪائن يا ڪانگن جي اهڙي قسم جي ٻولين کي ٿري ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهندا آهن. [2]

اَلُ ڪانءُ[سنواريو]

جيئن ته ڪانءُ جي ٻچي جو وات پنهنجي قد بت جي حساب کان وڏو ٿيندو آهي ۽ هر وقت پنهنجي آکيري مان ڪنڌ ڪڍيو ڪان ڪان پيو ڪندو آهي، تنهنڪري وڏو وات ڦاڙي اجايون رڙيون ڪندڙ کي طنز جي طور تي ”ال ڪانءُ“ چوندا آهن.[3]

ڪانءُ عاشقن جو پسنديده پکي[سنواريو]

ڪانءُ يا ڪانگ ڪارو آهي، ڪوجهو آهي، پر سنڌ سميت ننڍي کنڊ ۾ عاشقن ۽ شاعرن کي ڏاڍو پيارو آهي. ڇو جو اهو سڪ جو سنديشو کڻي اچي ٿو. ان ڪري سنڌ ۾ عاشقن جو فئوريٽ پکي آهي. اسان وٽ ڪانگ ٽان ٽان ڪري ته ان ملطب اهڙن مهمانن جي اچڻ ورتو ويندو آهي جن جي آئي من سرهو ٿئي. ڪانءَ جي اهڙي نموني جي ٽان ٽان کي ڪانءُ لَنوڻُ به چيو ويندو آهي. مطلب ته اسان وٽ ڪانگ کي پيار جو قاصد سمجهيو ويندو آهي، تنهنڪري قرب ڀري ڪانگل کي اڏائڻ بدران اسان وٽ ان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو آهي. [4]

آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سان مون پرين جي.
جيسين انگريزن ٽپال ۽ تار کاتو شروع نه ڪيو هو، تيسين تائين موملون خاص ڪري ڪڇ ڀوڄ، جوڌ مڪران جون، نياپا موڪلڻ لاءِ ڪاڪ جا ڪانگ اڏائينديون هيون ۽ سدا سهڻا راڻا پنهنجي دل، جگر جا ٽڪرا ۽ آخري نشانيون موڪلڻ لاءِ ڪانگ جي مدد وٺندا هئا. ائين اسان وٽ ڪانگ عشق جا نياپا کڻي اچڻ لاءِ مشهور آهي.آءُ ڪانگا تو ڏيان ڪڍي جان جگر جيرو،

ته وڃي کاءُ ولايت ۾ جتي محبوبن جو ديرو،

ته من پڇن هڪ ڀيرو، ته هيءَ قرباني ڪنهن ڏني.
ڪانگ نه رڳو سنڌ پر سڄي ننڍي کنڊ (برصغير) ۾ پڻ ڳايو وڃي ٿو:

ڪاگا سڀ تن کائيو،

چُچُن کائيو ماس، دو نينا مت کائيو،

انهين پيا ملن ڪي آس.

ڏور اُڀرندڙ ملڪن ۾ ڪانگ کي ڪنو پکي سمجهيو وڃي ٿو[سنواريو]

سنڌ جي ابتڙ فار ايسٽ يعني ڏور اُڀرندڙ ملڪن ۾ وري ڪانگ کي پسند نٿو ڪيو وڃي ۽ ان کي ڪنو پکي سمجيو وڃي ٿو. چين ۾ مائوزي تنگ جي مهم هيٺ وڏي پئماني تي ڪانگن، جهرڪين ۽ ڪوئن کي، ان وقت جي چين جي حڪومت ۽ عوام گڏجي مارڻ شروع ڪيو. ڇو جو سندن خيال موجب اهي پکي ۽ جانور گندگي ڪن ٿا. فصل کي نقصان رسائين ٿا. بيماريون پکيڙين ٿا، وغيره.

پر ڪانگن ۽ جهرڪين کي مارڻ جي ان مهم کان پوءِ فائدي جي بدرآن اڃان وڌيڪ نقصان ٿيو هو، ڇو جو چين ۾ ان مهم کان پوءِ اميد پئي ڪئي وئي ته ان ڀيري فصل سٺا ٿيندا پر ٿيو وري ان جي ابتڙ. ڇو جو قدرت جي هن سنسار يا منڊل جو هڪ پنهنجيو ايڪو سسٽم آهي جنهن تحت هر شئي جو پنهنجو ڪردار آهي، مثال طور، ڪانگ مان گهڻا ئي فائدا پڻ آهن. جهڙوڪر اهو ڪوئن کي کائي ناس ڪري ٿو. ڀٽن ۾ مئل نانگن، سانڊن ۽ ڳوهن جي صفائي ڪري ٿو، بلڪل ائين جيئن اهو ڪم ڳجهون ڪن ٿيون. انسان جي حرڪتن سبب جڏهن ان ايڪو سسٽم ۾ گڙٻر پيدا ٿئي ٿي ته ان جا ماحول تي به خراب اثر پون ٿا.

ملائيشيا ۾ ڪانگ مارڻ جي مهم[سنواريو]

چين وانگر ڪانگن سان ساڳي جٺ ملائيشيا ۾ پڻ آهي. اُتي به ڪجهه سالن کان وري نيئن سر ڪانگ مارڻ جي مهم هلائي ويندي آهي. جنهن ۾ شهر جي ماڻهو هفتي اندر هزارين ڪانگ ماري ڍير ڪري ڇڏيندا آهن. ڪَئين سالَ پهرين ملائيشيا جي ڪجهه شهرن ۾ ڪانگ مارڻ جي هڪ وڏي مهم هلائي وئي هئي، ان مهم دوران ڪوالالمپور واري علائقي ۾ ڪوڙڪين، بندوقن ۽ گليلن سان ڏهه هزار ڪانگ مارڻ کان پوءِ گڏ ڪري هڪ وڏي کڏ ۾ پوريا ويا هئا. ان کانپوءِ ڪيترن ئي سالن تائين ڪوالالمپور واري پاسي ڪانگن جو انگ نه وڌيو.

ملائيشيا جي يونيورسٽي آف سائنس جو پروفيسر جي ڪي چارلس ڪانگن تي مڃيل اٿارٽي آهي. هن سڄي ڄمار ڪانگن تي کوجنا ڪئي آهي. تنهن ٻڌايو ته ڪانگن جي وڌندڙ ڏنگاين لاءِ ماڻهن کي ئي ڏوهه ڏيڻ کپي، جيڪي گهر جو ٻهر ۽ بچيل سچيل کاڌو پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ بند ڪرڻ بدران ائين ئي اڇليو ڇڏين. جن کي پوءِ ڪانگ ۽ ڪوئا هڪ طرف لوئي جيڏانهن ڪيڏانهن پکيڙين ٿا ته ٻئي طرف ان کي کائي ٿلها متارا ٿين ٿا.

پروفيسر جي ڪي چارلس موجب ڪانگن کي بندوق سان مارڻ مان ڪو خاص فائدو ناهي. سٺو طريقو اهو آهي ته ماڻهو صفائيءَ تي زور ڏين. ڇاڪاڻ جو گندگيءَ ڪري ڪوئن ۽ ڪانگن جي ويجهه ۾ واڌارو اچي ٿو. خاص ڪري کاڌي جي اوبر سوبر کي ٿانئيڪي هنڌ تي اڇلائڻ کپي جتان ميونسپالٽيءَ جي گاڏي هڪدم ميڙي وڃي.

ڪانگن جي خاتمي جو هن موجب ٻيو طريقو اهو آهي ته سندن آکيرا ڊاهي، آنن کي ناس ڪرڻ کپي. 1973ع ۾ پينانگ ٻيٽ تي ڪانگن جي آدمشماري ٻه هزار کن مس هئي ۽ هاڻ ٻارهن سالن اندر چئوڻي پنجوڻي ٿي ويئي آهي. ملائيشيا ۾ اڳم ڪانگ بنهه نه هو. هن صديءَ جي شروع ۾ ڪجهه جهازي سريلنڪا کان ڪجهه ڪانگ ڦاسائي هيڏانهن ڪئري ٻيٽ تي کڻي آيا. (جيڪو ڪولالمپور جي ويجهو آهي) ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي سڄي ڪولالمپور ۽ اوسي پاسي جي شهرن ۾ ٽڙي پکڙي ويا. هاڻ ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ڪانگ نظر اچن ٿا.

ڪانگن کان بيزاريءَ جو ذڪر ميڊيا ۾ اچڻ تي نيٺ سرڪار سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. مختلف ميونسپالٽين طرفان هن پکيءَ کي مارڻ لاءِ ڏينهن ۽ انعام مقرر ڪيو ويو ته ان ڏينهن تي صبح کان وٺي ڪانگن تي ٺا ٺا ٿي وڃي. ڪانگن کي ڪٿي به وهڻ نه ڏيو. في پڇ جيئري يا مئل ڪانگ لاءِ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڊالر انعام رکيو ويو. ملئي زبان ۾ جانور توڙي پکيءَ لاءِ EKOR يعني “پڇ. ڳڻبو آهي. [5]

سنڌ ۾ ڪانءُ جا قسم[سنواريو]

گھريلو ڪانءُ يا ڪانگ[سنواريو]

انگريزي ۾ هن کي House Crow چئبو آهي، سائينسي نالو Corvus splendens آهي.

هن جو رنگ چمڪدار ڪارو اٿس، خاص ڪري پٺي مٿو ۽ ڳچي. ڪانءُ جو ڪنڌ کان ڇاتيءَ تائين گھرو سرمائي، چهنب ٿهلي مضبوط ڊگھي ۽ ڪاري ٿئي ٿي. ماڻهو کي بي خبر ڏسي ان جي هٿن مان شيون کسي ويندو اهي. کائڻ مهل شيءَ چنبي ۾ جھلي چهنب هڻندو آهي. عام طور تي اڪيلو ڏسبو آهي پر گروھ پسند آهي. خطري يا نقصان جي احساس مهل ڪٿان ڪٿان جا ڪانءُ اچي مڙندا ۽ ڪاڻءِ ڪان3 ڪري سڄي برادري جمع ڪندا آهن ۽ دشمن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن. دشمن کي لامارن ۽ گھتن سان چنبا هڻي زخمي ڪن ٿا. ڪانءَ وڻن تي ڪاٺڙين جو وڏو آکيرو جوڙيندو آهي. جيتوڻيڪ تمام سياڻو ۽ خبردار پکي آهي ته به ڪوئل ان جي آکيري ۾ آنا لاهيندي آهي ۽ ڪانءُ ان کي پنهنجا آنا سمجھي سنڀاليندي آهي. ڪانءُ مُردار خور پکي آهي پر گھڻو ڪري ان ئي علائقي ۾ ملندو آهي جتي انسان موجود هجن.

40 کان 45 سينٽي ميٽر جسامت وارو هي ڪانءُ پوري سنڌ هند ۾ عام ملي ٿو. ڪانويلي اپريل کان جولاءِ جي عرصي ۾ 3 کان 5 آنا لاهيندي آهي. 25 کان 30 ڏينهن آرو ڪندي آهي.

دوڏو/ صحرائي ڪانءُ[سنواريو]

انگريزي ۾ هن کي Common Raven چيو ويندو آهي. ۽ سائنسي نالو Corvus corax آهي.

هي پنهنجي هم نسل ڪانءُ ۾ سڀني کان وڏو ۽ ڳرو آهي. 54 کان 67 سينٽي ميٽر وارو هي ڪانءُ ۽ 1 ڪلو جي ويجھو وزن اٿس. هن جي عمومي ڄمار 21 سال آهي. دوڏو قد بت ۾ پنهنجن هم نسلن ۾ سڀ کان وڏو ۽ ڪارو ٿئي ٿو. رنگ چِلڪدار ڪارو ٿئيس ٿو، ٻچي جو رنگ چمڪدار نه ٿيندو آهي. جسم جو مضبوط آهي. چهنب ڊگھي ٿلهي ۽ مضبوط آهيس. اڏامڻ مهل ان جو پڇ ۽ ڊگھو ۽ مخروطي گولائي پکڙيل پرن جا ٻاهريان ڊگھا کنڀ سرڻ ونگر ڌار ڌار نظر ايندا آهن. اڏامڻ جي صلاحيت سٺي اٿس، مٿي کان مٿي اڏامي سگھي ٿو ۽ سرڻ وانگر هوا جي ڪلهن تي پر رکي تري سگھي ٿو. ان جو آواز به وڌيڪ ڳرو، گھرو ۽ ڪرخت هوندو آهي جيڪو ٻڌڻ ۾ وَوڪ...وَوڪ لڳندو آهي، ڪڏهن کڙڪيدار ٽراڪ ... ٽراڪ.. ٽاڪ... ٽاڪ به ڪندو آهي.

اڪثر اڪيلو، جوڙيءَ ۾ وري لڳ جي مند ۾ گروھ يا ڪٽنب سان نظر ايندو آهي. گروھ ۾ پسار ڪندو اهي. ڍنڍن تي ولرن جي صورت ۾ اچي جمع ٿئي ٿو. سياري ۾ ننڍڙن گروهن ۾ ڦرندو آهي. زمين تي هلڪي لوڏ سان پنڌ ڪندو آهي. ۽ ڪنهن مهل هلڪو ٽپو ڏيندو آهي. ڳوٺن جي ڀرپاسي ۾ رهي ٿو يا شهرن ۽ خانه بدوشن جي آبادين وٽ.

هي آکيرو اڪيلي وڻ جي چوٽيءَ تي يا وري ڪنهن اوچي ڏرڙ ۾ ٺاهيندو آهي. مقامي سطح تي لڏپلاڻ ڪندو آهي. هن وقت سنڏ بلوچستان ۽ ٿر ۾ ان جو نسل خطري ۾ آهي.

مادي 3 کان 7 آنا لاهندي آهي. 18 کان 21 ڏينهن آرو ڪندي آهي.ڊسمبر کان مارچ تائين لڳ جي مند آهي. هي همئه خور پکي آهن.

ٽاڪرو/ هاڏو ڪانءُ[سنواريو]

هي ڪانءَ جو قسم آهي، جنهن کي ٽاڪرو يعني جابلو ڪانءَ چئبو آهي، هي سنڌ جي عام رواجي ڪانءَ کان وڏو ٿيندو آهي ۽ ڳري آواز سان جبلن ۽ پهاڙن ۾ ڪان ڪان ڪندو وتندو آهي. ڪانءَ جو هن جهڙو قسم ٿر ۾ به ٿئي، جنهن کي هاڏو چوندا آهن. اهڙا ڪانگ ڪوئيٽا ڪوهه مري ۽ ايران واري پاسي نظر اچن ٿا. [6][7]

سنڌي ادب ۾ ڪانءُ يا ڪانگ[سنواريو]

سنڌ جي ثقافت ۾ ڪانءَ سان لاڳاپيل گھڻائي سوڻ ساٺ، پهاڪا ۽ چوڻيون آهن.

آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (فقير دريا خان ڪنڊڙي واري جي ڪلام جو مجموعو- مرتب ڪندڙ نياز همايوني

ڪانگ لنوي مِٺي لات - الطاف شيخ

اڃايل ڪانءُ- ڪهاڻي

ڪانءُ بابت ڪهاڻيون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

امان لولو ڪانءُ کڻي ويو- ٻاراڻو بيت

خوش ڪير آهي (ڪانءُ ۽ پکين سان مڪالمه)

ڪانءُ لَنوڻُ[سنواريو]

  • ڪانءُ جي پريان کان ٻوليندو اچي ته اها ”ڄاڻ“ (موت جي خبر) ملڻ، پر گهر تي ويٺي ويٺي ٻولي ته مهمان اچڻ جو اطلاع هجي ٿو. موت جي اطلاع وقت ڪانءَ جو آواز ڪڙو، پر مهمان اچڻ تي مٺو هوندو آهي. سج اڀرندي ڪانءُ گرڙي هاري ته مهمان اچڻ ۽ جي رڙ ڪري ته ڄاڻ ملڻ جي علامت سمجهبو آهي. جيڪڏهن ڪانءُ رات جو  اڏرن يا رڙن ته  ڏڪار جي نشاني هوندي آهي.

طب[سنواريو]

نالا: ع. غراب، ف. زاغ، هه. وغيره___ ڪوا، بده، ڪلاغ زاغنچه.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: سرڪو، عيوض: پاريهل، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: ڪاري رنگ جو مشهور پکي آهي، جنهن جو ڪنڌ وارو حصو اڇو ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جو گوشت منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، قوت باهه کي وڌائي ٿو. جلندر، يرقان، سرسام، جنون، ماليخوليا، فالـج ۽ لقوي لاءِ مفيد آهي. هن جو پتو ماکيءَ ۾ ملائي اکين جي ڌنڌ، خارش، ڦلي ۽ نظر جي واڌاري لاءِ مفيد آهي. هن جو رت ڪوڙه چٽيءَ ۽ وارچري جي جاين تي لائجي ته فائدو ڪندو..[8]