ڪانڪھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي وڻ ٿر ۾ گهڻو ڪونه ٿئي. ڪٿي ڪٿي ڏسبو آهي، سو به ڏهرن جي سخت زمين ۾ ڪونه اُڀري، پر ننڍن ننڍن دڙن تي نرم ريٽائينءَ زمين ۾ ٿئي. اُن جا پن ننڍا، ساوا ۽ گهاٽا ٿيندا آهن ۽ اُن جا ٿڙ ۽ ٽاريون پاڻ ڳُتيون پيون هونديون آهن، تنهنڪري گهاٽو ٿئي. اُن ۾ پيرُن جيڏو هڪ قسم جو ڳاڙهيري رنگ جو ڦل ٿيندو آهي، جو پکي، ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن. اُن جي ڪاٺي مضبوط هوندي آهي، مگر ڏنگي پنگي ڦُڏي هئڻ ڪري ڪنهن به خاص ڪم ڪانه اچي. اُن کي ونگو به چوندا آهن[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو