مواد ڏانھن هلو

ڪانڊيرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

[[File:Alhagi maurorum.JPG|thumb|{{taxlink|Alhagi maurorum|species|ver=181115|ڪانڊيرو]] ڪانڊيرو (انگريزي:Alhagi maurorum) ھڪ قسم جو ڪنڊيدار ٻُوٽو آهي جيڪو ٻوٽن جي camel thorn ڪٽنب ۾ به شمار ٿئي ٿو.[1]

نالا: ع. شوڪت الجمل، ف. اشترغار، هه. وغيره___ اونٽ ڪٽاره، جوان، جاج ۽ فرافيون. سڃاڻپ: ننڍو ڪنڊن وارو ٻوٽو اڪثر پوٺن ۽ وارياسن پٽن تي ٿيندو آهي.

خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي پيارڻ سان ٻرهل، يرقان، جلندر، سنڌن جي سور، پاسي جي سور ۽ سيني جي سور کي فائدو ٿيندو، بلغمي ۽ صفراوي دست بند ٿيندا، پيشاب جاري ٿيندو، مثاني ۽ گردي مان پٿري ۽ رائو نڪري ويندو. مثاني جي ڦٽ، پرميل رحم ۽ آنڊن جي رطوبت خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي..[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. "ڪانڊيرو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون", dic.sindhila.edu.pk, حاصل ڪيل 17 مارچ 2020۔
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو