ڪانڊيرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪانڊيرو

ڪانڊيرو (انگريزي:Alhagi maurorum) ھڪ قسم جو ڪنڊيدار ٻُوٽو آهي جيڪو ٻوٽن جي camel thorn ڪٽنب ۾ به شمار ٿئي ٿو.[1]

نالا: ع. شوڪت الجمل، ف. اشترغار، هه. وغيره___ اونٽ ڪٽاره، جوان، جاج ۽ فرافيون. سڃاڻپ: ننڍو ڪنڊن وارو ٻوٽو اڪثر پوٺن ۽ وارياسن پٽن تي ٿيندو آهي.

طب[سنواريو]

خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي پيارڻ سان ٻرهل، يرقان، جلندر، سنڌن جي سور، پاسي جي سور ۽ سيني جي سور کي فائدو ٿيندو، بلغمي ۽ صفراوي دست بند ٿيندا، پيشاب جاري ٿيندو، مثاني ۽ گردي مان پٿري ۽ رائو نڪري ويندو. مثاني جي ڦٽ، پرميل رحم ۽ آنڊن جي رطوبت خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي..[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "ڪانڊيرو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-03-17. 
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو