مواد ڏانھن هلو

ڪانول پيرون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪانول پيرون (ٻيا نالا: عربي: عنب الثعلب، فارسي: انگور شغال، هندي، وغيره: مڪر، قوش، روباه تربڪ، رويا) گول داڻا سڪل ڪاري رنگ تي ۽ وڻ هڪ ننڍي ٻوٽي جي شڪل ۾ باغن ۾ پاڻيءَ وارين جاين تي پيدا ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جا پن ۽ پيرون ڪاڙهي پيڻ سان بلغمي ۽ گرم تپن، جلندر، ٻرهل، جگر جي سدن، دماغ جي بيمارين، من,ھن ۽ پيرن جي سوڄ، آنڊن، ڦڦڙن جي ڦٽن، سوڄ ۽ معدي جي سوزش کي فائدو ٿيندو. سودا ۽ صفرا کي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندو. هن جون گرڙيون وات جي ڦرڙين، خناق، ڳوڙهن ۽ نڙيءَ جي سور لاءِ مفيد آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.