ڪامل پهچ
ڏيک
ڪامل پهچ يا اِنٽيگريٽيڊ اَپروچ (Integrated Approach) جو پسمنظر هي آهي ته 1979ع ۾ افغانستان ۾ سوويت فوجن جي اچڻ سان ڏکڻ ايشيا جو علائقو’ سرد جنگ‘ جو مرڪز بڻجي ويو ۽ ’طاقت جو توازن‘ سويت يونين جي فائدي ۾ هليو ويو. ان صورتحال ۾ آمريڪي صدر رونالڊ ريگن پنهنجي ملڪي مفادن جي حفاظت، اُنهن جي واڌاري ۽ ايشيا ۾ سوويتن جي پيشقدميءَ کي روڪڻ لاءِ هيءَ خاص پهچ شروع ڪئي. ان پهچ جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ نئين سر مڪمل طور آمريڪي اثر قائم ڪرڻ هو. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Integrated Approach | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, archived from the original on 2019-02-08, retrieved 2017-02-14
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help)