مواد ڏانھن هلو

ڪالي لنڪس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪالي لنڪس
ٺاھيندڙحساس حفاظت
او ايس خاندانلنڪس (يونيڪس لائيڪ)
ڪم جي حالتهلندڙ
شروعاتي اشاعت13 مارچ 2013؛ 13 سال اَڳُ (2013-03-13)[1]
Latest release2019.4[2] / 26 نومبر 2019؛ 6 سال اَڳُ (2019-11-26)
Update methodAPT (several front-ends available)
Platformsx86, x86-64, armel, armhf
Kernel typeمونولٿڪ ڪرنيل (لنڪس)
Default user interfaceXfce[3]
Licenseلنڪس آذرين
ويبسائيٽسانچو:آفيشل ويبسائيٽ

ڪالي لنڪس (انگريزي: Kali Linux) [4] ڊبين آپريٽنگ سسٽم ڊبين آپريٽنگ سسٽم [5][6][7][8]مان نڪتل هڪ لنڪس ڦانڊڻو آهي جيڪو ڊجيٽل فارنسڪ ۽ پينٽريشن چڪاس لاءِ ٺاهيو ويو آهي. هِن کي اورينٽيڊ سڪيورٽي [9][10][11][12][13] طرفان هلايو وڃي ٿو ۽ فنڊنگ ڏني وڃي ٿي.

تعمير

[سنواريو]

ڪالي لنڪس ۾ پنهنجا 600 [14] کان وڌيڪ پينٽريشن چڪاس جا پروگرام انسٽال ٿيل آهن. جنهن ۾ آرميٽيج(هڪ گرافيڪل سائيبر اٽيڪ مينيجمينٽ اوزار)، اين ميپ(پورٽ اسڪينر)، وائرشارڪ( (پاڪيٽ اينالائيزر)، جوهن دي رپر پاسورڊ ڪريڪر، ايئر ڪريڪ اين جي، (هڪ سوفٽوئر جيڪو وائرليس جا پينٽرينشن چاڪاسيندو آهي) ۽ برپ سوٽ [15][16] جهڙا پروگرام شامل آهن. ڪالي لنڪس ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ ۾ انسٽال ٿيندڙ آپريٽنگ سسٽم آهي. جيڪو ڪنهن سي ڊي ڊرائيو، يو ايس بي ڊرائيو، يا ورچوئل مشين ۾ پڻ انسٽال ڪري هلائي سگهجي ٿو. ڪالي لنڪس ميٽاسپولائيٽ فريم ورڪ جا پروجيڪٽ پڻ سپورٽ ڪندي آهي. جيڪو سڪيورٽي ايڪسپولائيٽ جو اوزار آهي. [15] ڪالي لنڪس کي آفينسوَ سڪيورٽي جي ماهرن ماٽي آهروني ۽ ڊيون ڪرنس طرفان بيڪ ٽريڪ کي ڦانڊڻي ٻيهر تعمير ڪيو ويو آهي. ڪالي لنڪس ڊيبين چڪاسيندڙ برانچ تي مشتمل آهي.[17][18] ڪالي لنڪس جا مختلف پيڪيج ڊيبين ذزرخيري مان شامل ڪيا ويا آهن.[19] ڪالي لنڪس پروجيڪٽ جي شروعات 2012 کان ڪئي وئي هُئي جڏهن آفينسوَ سڪيورٽي طئي ڪيو ته بيڪ ٽريڪ لنڪس کي ڪنهن نئين پروجيڪٽ ۾ تبديل ڪيو وڃي. بريڪ ٽريڪ پڻ ڊيبين آپريٽنگ سسٽم مان نڪتل هڪ ڦانڊاڻو هيو. جنهن کانپوءِ ڪالي کي بهترين قابليت ۽ بهترين بيهڪ جي ڪري ڊيبين جي سڀني ڦانڊاڻن مان پهرين فهرست ۾ شامل ڪيو ويو. ڪالي جي پهرين ورجن 1.0 هڪ سال بعد مارچ 2013 کان پوءِ متعرف ڪرايو ويو. جيڪو ڊيبين 7 (ويهزي) تي مشتمل هيو. پهرين سال ۾ ڊيبين طرفان سوين پينٽريشن چاڪسيندڙ پيڪيج شامل ڪيا ويا. ڪالي جو 2019.4 ورجن هِن وقت هلندڙ آهي.

انسٽال ڪرڻ لاءِ لازمي شرط

[سنواريو]
  1. ڪالي لنڪس انسٽال ڪرڻ لاءِ هارڊ ڊسڪ ۾ 3.8 جي بي جو جڳه خالي هُجڻ کپي.
  2. ڪالي لاءِ 512 ايم بي ريم جو هُجڻ ضروري آهي.
  3. هڪ بوٽ ايبل سيڊ ڊرائيو يا يو ايس بي جي ضرورت آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Official Kali Linux Releases". 2019-11-26 تي حاصل ڪيل.
  2. "Official Kali Linux Releases". 2019-09-03 تي حاصل ڪيل.
  3. Nestor, Marius. "Kali Linux Ethical Hacking OS Switches to Xfce Desktop, Gets New Look and Feel". softpedia. 2019-11-29 تي حاصل ڪيل.
  4. "Kali Linux 1.0 review". LinuxBSDos.com. 2013-03-14. 2019-11-26 تي حاصل ڪيل.
  5. Simionato, Lorenzo (2007-04-24). "Review: BackTrack 2 security live CD". Linux.com. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  6. Barr, Joe. "Test your environment's security with BackTrack". Linux.com. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  7. "BackTrack 4 - Hacking galore". Dedoimedo.com. 2009-05-15. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  8. "BackTrack 5 R3 review". LinuxBSDos.com. 2012-08-17. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  9. Watson, J.A. (2014-05-28). "Hands-on with Kali Linux 1.0.7". ZDNet.com. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  10. "Kali Linux 1.0.7 review". LinuxBSDos.com. 2014-05-30. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  11. "Kali Linux review". Dedoimedo.com. 2014-12-15. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  12. Watson, J.A. (2016-01-22). "Hands-on with Kali Linux Rolling". ZDNet.com. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  13. Smith, Jesse (2016-04-25). "Kali Linux 2016.1". DistroWatch Weekly. شمارو 658. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  14. "Kali Linux Penetration Testing Tools". tools.kali.org. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  15. 1 2 "Kali Linux arrives as enterprise-ready version of BackTrack". The H. 2013-03-13. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  16. "Kali Linux Metapackages". Offensive Security. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  17. "The Birth of Kali Linux". Offensive Security. 2012-12-12. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.
  18. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "Interview with Mati".
  19. "Kali's Relationship With Debian". Kali Linux. 2013-03-11. 2019-04-10 تي حاصل ڪيل.