مواد ڏانھن هلو

ڪازي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪازي معنيٰ هوا. ڪامي ڪازي معنا قدرت طرفان موڪليل هوا. چنگيز خان جي پوٽي جڏهن چين کان جهازن جو وڏو ٻيڙو وٺي جپان تي حملو ڪيو ته جپان جي سمنڊ کان اُٿندڙ طوفان قبلائي خان جا ٻيڙا ٻوڙي رکيا ۽ سڄي لشڪر جون وايون بتال ٿي ويون. ڪي ٻُڏا، ڪي ڦٽيا، ٻيا جان بچائي اچي، پنهنجن جوين وٽ پهتا. جپانين ڀلي ڀت سمجهيو ٿي ته هو قبلائي خان جي لشڪر جو مقابلو هرگز نه ڪري سگهن ها ۽ کين ان تيز هوا (ڪازي) بچايو، جنهن کي هو پنهنجي ديوتا (ڪامي) طرفان سمجهڻ لڳا. ٻي جنگ عظيم ۾ پرل هاربر تي جن پائليٽن فدائي حملو ڪيو هو يعني پنهنجي جان فدا ڪئي، انهن جو ڳجهو نالو ڪامي ڪازي ان ٽائفون طوفان تان رکيو ويو هو، جنهن قبلائي خان جي لشڪر جو ٻيڙو ٻوڙيو ۽ جپانين کي بچايو.[1] [2] [3]

  1. چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 12 سيپٽمبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 06 آگسٽ 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
  3. ڪتاب: چنڊ چوانءِ سچ